Saturday , April 27 2024

پڪاچانگ ۾ قتل ڪيل استاد عابد چانگ جا قاتل گرفتار نه ٿيا، ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) فيض گنج جي پڪاچانگ شهر ۾ عيد ڏينهن قتل ٿي ويل استاد جا قاتل گرفتار نه ٿيا، وارثن ۽ سول سوسائٽي جو ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته فيض گنج پوليس استاد عابد چانگ جي قتل ڪيس جي جاچ ۽ جوابدارن جي گرفتاري ۾ سُسُتي ڪري رهي آهي. عيدالفطر جي پهرين ڏينهن پڪاچانگ شهر ۾ قتل ٿي ويل سينئر استاد ۽ علائقي جي معزز شخصيت استاد عابد چانگ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ پوليس پاران جاچ ۾ سُسُتي جو مظاهرو ڪرڻ خلاف ڪراچي پريس ڪلاب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ايڊووڪيٽ عبدالرزاق چانگ، سلامت چانگ ۽ ٻين چيو ته، عيد ڏهاڙي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن دڪان ٻاهران ويٺل استاد عابد چانگ حملو ڪري کيس قتل ڪرڻ بعد شهر مان آساني سان ڀڄي ويا، پوليس ڪيس داخل ڪرڻ باوجود اڃا تائين جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو. هنن چيو ته پوليس ڪيس جي جاچ ۾ اڃا تائين ڪا به اڳڀرائي ناهي ڪري سگهي نه ئي قتلن جو پتو لڳايو آهي. هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ آءِ جي سنڌ کي معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڏيارين، هنن اهو به مطالبو ڪيو ته ڪيس جي جاچ جديد طريقن سان ڪري قاتلن تائين پهچي سگهجي ٿو پر پوليس روايتي سستي ختم نه ٿي ڪري. هنن چيو ته جيڪڏهن قاتل گرفتار نه ٿيا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *