Friday , April 26 2024

پنجاب ۾ اليڪشن لاءِ اسٽيٽ بئنڪ سڌيءَ ريت فنڊز جاري ڪري: چيف جسٽس

اسلام آباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ اليڪشن ڪرائڻ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ کي سڌي ريت فنڊز اليڪشن ڪميشن کي جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو؛ وفاقي حڪومت فنڊز جاري ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ، پنجاب ۾ چونڊن لاءِ اسٽيٽ بينڪ کي سڌي ريت اليڪشن ڪميشن کي 21 ارب رپيا جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ اسٽيٽ بئنڪ کي حڪم ڏنو آهي ته پنجاب ۾ اليڪشن ڪرائڻ لاءِ سڌي ريت فنڊز جاري ڪيا وڃن. ان سلسلي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت پاران اٽارني جنرل عدالت کي آگاهي ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ جي 4 اپريل واري حڪم تي عمل ڪيو آهي، پارليامينٽ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن لاءِ فنڊز جاري ڪرڻ جو اختيار ئي ناهي ڏنو، پارليامينٽ پاران فنڊ جاري ڪرڻ کان روڪڻ بعد وفاقي حڪومت بيوس آهي، اها پارليامينٽ جي اجازت کانسواءِ فنڊ جاري نه ٿي ڪري سگهي. ججز فنڊ فراهم نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته عدالتي حڪم واضح آهي، ان تي هر صورت ۾ عمل ڪرڻو پوندو، سپريم ڪورٽ جي بئنچ لکت ۾ جاري ڪيل حڪم ۾ اسٽيٽ بينڪ کي هدايت ڪئي آهي ته سومر تائين اليڪشن ڪميشن کي 21 ارب رپيا جاري ڪري، پئسا ملندي ئي اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرائڻ وارو عمل شروع ڪري ڇڏيندي، اليڪشن ڪميشن، ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ گڏجي عدالتي حڪم تي عمل ڪرائين.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *