Saturday , April 27 2024

پنجاب جي وڏي وزير پاران صوبي ۾ حالتون معمول مطابق قرار

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته صوبي ۾ حالتون معمول مطابق آهن، عوام ڪنهن به ٻُڌسُڌ تي ڌيان نه ڏئي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ عثمان بوزدار چيو آهي ته عوام کي سوشل ميڊيا ۽ ٻڌ سڌ جي ڳالهين تي ڪو به ڌيان نه ڏئي، پنجاب ۾ صورتحال معمول موجب آهي. عثمان بوزدار بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته لاهور شهر جي هڪ علائقي ۾ احتجاج ٿيو هو پر پوليس، رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجو ڪم بهتر نموني سان ڪري رهيا آهن، صورتحال ائين ناهي جيئن ڪجهه ماڻهو سماجي ترابطن جي ويب سائيٽس تي پيش ڪري رهيا آهن.

پابندي مڙهيل تنظيم لاهور کي يرغمال بڻائي ڇڏيو، پوليس اهلڪار اغوا

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *