Thursday , April 18 2024

پابندي مڙهيل تنظيم لاهور کي يرغمال بڻائي ڇڏيو، پوليس اهلڪار اغوا

لاهور( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) پابندي مڙهيل ۽ دهشستگرد قرار ڏنل مذحبي تنظيم لاهور جي يتيم خانه چوڪ سميت مختلف علائقن کي يرغمال بڻائي ڇڏيو، احتجاجي مظاهرن دوران پوليس سان چڪرين دوران ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيڻ جا اطلاع، ڊي ايس پي سيمت 4 چان وڌيڪ اهلڪارن کي يرغمال بڻائي ڇڏيو، فردوس عاشق اعواڻ تصديق ڪري ڇڏي، ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي حڪومت پاران دهشتگردي ايڪٽ 1997 تحت دهشتگرد قرار ڏئي پابندي مڙهيل تنظيم جي ماڻهن لاهور شهر جي مختلف علائقن ۾ پُرتشدد مظاهرن دوران پوليس سان چرين دوران ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن، مقامي صحافين ۽ ميڊيا رپورٽس مطابق يتيم خانه چوڪ سميت مختلف علائقن ۾ آچر ڏينهن منجهند کان وٺي پابندي مڙهيل تنظيم جي ماڻهن مظاهرا ڪيا ۽ 55 هزار لٽرس سان ڀريل آئل ٽئنڪر ڦر ڪري پنهنجي مرڪز تي ڪائي ويا، جنهن کانپوءِ پوليس ڪارروائي ڪري آئل ٽئنڪر ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، فردوس عاشق اعواڻ ٽويٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بياان ۾ چيو ته مظاهرين پوليس اسٽيشن تي حملو ڪيو جن کي بعد ۾ پوليس ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو.

ان سلسلي ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي سڌسماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ تصديق ڪندي چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو آئل ٽئنڪر ڪاهي ويا انهن پيٽرول بم ۽ تيزاب سان پوليس تي حملا ڪيا، جنهن ۾ ڊي ايس پي سميت 5 پوليس اهلڪارن کي به يرغمال بڻائي ورتو. سي سي پي او لاهور جي ترجمان رانا عارف ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليس  سان چڪرين دوران مظاهرين جي هٿان ئي سندن 3 ڄڻا به مارجي ويا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *