Friday , April 26 2024

هي آهي پنجاب جي عدالت جو پنهنجن لاءِ انصاف جو طريقيڪار…!!

هي آهي پنجاب جي عدالت جو پنهنجن لاءِ انصاف جو طريقيڪار…!!

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) پنجاب جي عدالت جو پنهنجن لاءِ انصاف جو انوکو انداز، لاهور هاءِ ڪورٽ پاران فيصلو ٻڌائڻ کان پهريان ان جو مسودو، درخواسگذار ۽ وفاي سرڪار جي وڪيلن جي حوالي ڪري رضامندي ۽ مشورو گهريو ويو. سنڌسماءَچار جي لاهور مان خاص نمائندي (ميڊيا تي بههلي پئي) خبر ڏني آهي ته، شهباز شريف پاران پنهنجي ڀاءُ ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ لاءِ ي سي ايل مان نالو ڪڍڻ لاءِ بنا شرطن جي ڪڍڻ واري درخواست تي تڪڙي ٻڌڻي ڇنڇر جي صب ح کان هلندي رهي آهي، ان دوران عدالت شهباز شريف ۽ وفاقي حڪومت توڙي نيب جي وڪيلن کان نئين ۽ ڌار ڌار ڊرافٽ تجويزون ڏيڻ جو چيو، جنهن بعد ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي. سنڌسماءَچار لاهور جي خاص نمائندي ٻڌايو ته، جڏهن نواز شريف جي ڀاءُ ۽ درخواستگذار شهباز شريف ۽ وفاق جي وڪيلن مسودا عدالت جي ٻه رڪني بئنچ جي حوالي ڪيا ته، عدالت ٻنهي جي ڊرافٽس کي ڏسڻ بعد فيصلو ڏيڻ لاءِ ڊرافٽ تيار ڪيو. عدالت جي ٻه رڪني بئنچ پنهنجو فيصلو ڏيڻ وارو ڊرافٽ شهباز شريف ۽ وفاق جي وڪيلن جي حوالي ڪيو ۽ چيو ته، اهو ڏسي ٻڌايو ته اوهان ان تي راضي آهيو يا نه؟. لاهور هاءِ ڪورٽ پاران ٻنهي ڌرين پاران ڊرافٽ ڏسي واپس ڪرڻ کان ڪجهه منٽ بعد عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. جي ها اها آهي پنجاب جي اعليٰ عدليا لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ جي ججن جو پنهنجن لاءِ فيصلو.

” ٻار ڪتن جي ويجهو نه وڃن، اسان ڪتا سنڀاليون يا ٻار“: ڊاڪٽر عذرا پيچوهو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *