Friday , March 29 2024

” ٻار ڪتن جي ويجهو نه وڃن، اسان ڪتا سنڀاليون يا ٻار“: ڊاڪٽر عذرا پيچوهو

” ٻار ڪتن جي ويجهو نه وڃن، اسان ڪتا سنڀاليون يا ٻار“: آصف زرداري جي ڀيڻ ۽ سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) ” ٻار ڪتن جي ويجهو وڃن ٿا انڪري ڪتا انهن کي چڪ پائين ٿا، اسان ڪتا سنڀاليو يا ڪتا“، اهو چوڻ آهي سنڌ جي صحت کاتي جي وزير ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ صحت کاتي جي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو. عذرا پيچوهو ڪراچي ۾ اين آءِ سي ايڇ ڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته، سنڌ خاص طور تي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال سميت ڪنهن به سرڪاري اسپتال ۾ اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن خاص طور تي نيورو سرجن جي کوٽ آهي. اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڀيڻ ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پڦي صحت واري وزي عذرا پيچوهو صحافين جي سوالن جا جو جواب ڏيندي، ناراضگي واري انداز ۾ چيو ته، ” ٻار ڪتن کي تنگ ڪن ٿا ۽ انهن جي ويجهو وڃن ٿا انڪري ڪتا انهن کي چڪين / کائن ٿا، اسان ٻارن کي سنڀاليون يا ڪتا سنڀاليون“. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ نينگر حسنين ٻگهيو کي رولو ڪتن ڏاڙهيو، لاڙڪاڻي جي اسپتالن ۾ اسپيشلسٽ سرجن ڊاڪٽرن آهن ئي ڪو نه انڪري حسنين کي ڪراچي منتقل ڪرايو، هتي سندس علاجج هلي رهيو آهي ۽ ماهر ڊڪٽرن تي ٻڌل ٽيم سندس ابتدائي سرجري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، سندس نيورو سرجري جي امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي.

مرحوم اياز سومرو گورک اٿارٽي کان پجيرو گهرائي هئي، جنهن جو اتو پتو ئي ناهي: اڪبر لغاري

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *