Saturday , April 27 2024

هالا ۾ سڱاوتي تڪرار، ٽن عورت سوڌو 6 جانيون ڳڙڪائي ويو

هالا ۾ نبيرجي ويل سڱاوتي تڪرار ٻيهر ڪَر کنيو، ٽن عورت سوڌو 6 ڄڻا قتل،2ڄڻا زخمي

هالا ( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) هالا جي ڪچي واري علائقي ۾ بروهي ۽ رند برادري جي ٻن ڌرين ۾ نبيرجي ويل سڱاوتي تڪرار تان جوابدارن گهر ۾ ستل ٽن عورتن سوڌو 6 ڄڻن کي گولين جي بک بڻائڻ کانپوءِ ڀڄي ويا، سڱاوتي تڪرار تان بروهي برادري جي هٿياربندن جوابدارن صبح جو سوير بروهي برادري جي هٿياربندن رند برادري گهر ۾ داخل ٿي جديد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، سالارو ٿاڻي جي حد ۾ هٿيابندن جي بي رحماڻي ڪارروائي ۾ جادو ثمرين، مجنو، ڀٽا، مرتضيٰ رند سميت 6 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته، بروهي برادري جي ماڻهن رند برادري جي هڪ گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري 3 عورتن سوڌو 6 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن، قتل ٿيلن جي وارث امير بخش رند ٻڌايو ته 2 سال اڳ هُن جي ڀائيٽي مرتضيٰ رند برادري جي ڇوڪري سان پسند جي شادي ڪئي هئي، شادي کانپوءِ ڪورٽ ڇوڪري کي پهريان دارالامان موڪليو، بعد ۾ پوءِ نوجوان سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏني، جنهن تي بروهي بردري جي سردار جرڳو ڪري اسان جي خاندان تي 10 لک ڏنڊ لڳايو، جيڪو ادا ڪيو ويو، ڏنڊ جي رقم وٺڻ باوجود جوابدارن فائرنگ ڪري 6 ڄڻن کي قتل ڪيو آهي، وڏو ظلم ٿيو آهي، انصاف ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *