Saturday , April 27 2024

ڇاڇرو ڀرسان امن جا ويري سرگرم، مندر ۾ ڀڃ ڊاهه،پوليس خاموش تماشائي

ڀٽياڻي ۾ امن جي ويرين مندر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري مورتين جي ڀڃ ڊاهه ڪري آساني سان ڀڄي ويا

ڇاڇرو (رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڇاڇرو ويجهو ڏڦيڙ پکيڙيندڙ ڏوهاري ذهنيت رکندڙ ڏوهارين مندر اندر داخل ٿي مورتين ۽ هندو برادري جي مقدس ڪتابن ۽ ٻين شين جي بيحرمتي ڪرڻ بعد آساني سان ڀڄي ويا، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان ڪن لاٽار ڪرڻ لڳي، سڄاڻ ڌرين فوري طور تي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ڇاڇري ڀرسان ڏوهاري ۽ سماج دشمن ماڻهن ڀٽياڻي مندر تي اڻڄاتل شرپسندن حملو ڪري مندر اندر ڀڃ ڊاهه ڪرڻ کانپوءِ مورتين جي بيحرمتي ڪئي، جنهن کانپوءِ ڏڦيڙ پکيڙيندڙ ڀڄي وياويا. اطلاع ملڻ تي هندو برادري جا ماڻهو ۽ پوليس پهچي وئي، جنهن بعد پوليس شرپسندن جا پيرا کڻي رواني ٿي وئي آهي ته وري واپس نه وري ۽ نه ئي جوابدارن کي سوگهو ڪري سگهي آهي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته پوليس جوابدارن کي سوگهو ڪرڻ کان ڪن لاٽار ڪري رهي آهي.

ان سلسلي ۾ هندو برادري جي سماجي ڪارڪنن ڀانو مل ۽ ٻين چيو آهي ته، مندر تي حملي ۽ بيحرمتي جي مذمت ڪيون ٿا، ڏوهاري ذهنيت رکندڙ ماڻهو علائقي ۾ مذهبي رواداري کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا، پر پوليس ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري. هندو برادري سميت امن پسند ماڻهن جو چوڻ آهي ته سنڌ جون حالتون خراب ڪرڻ لاءِ سازش تحت مندر جي بيحرمتي ڪئي وئي آهي. شرپسند صوبي ۾ مذهبي بُنيادن تي فساد پکيڙڻ جي سازش ڪئي آهي. ذميوارن کي فوري طور گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *