Saturday , April 27 2024

نيب صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي کي سوڙهو ڪرڻ لڳي

نيب صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي کي سوڙهو ڪرڻ لڳي، اعجاز جکراڻي جي بنگلي تي ڇاپو،4ڪلاڪن تائين جهڙتي ورتي وئي

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر    سنڌ سماءَ چار) نيب صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي کي سوڙهو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، نيب سکر ۽ ڪراچي جي ٽيمن جو اعجاز جکراڻي جي ڊفينس واري بنگلي تي  ڇاپو، چئن ڪلاڪن تائين گهر جي تلاشي وٺي واپس رواني، نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران اهم دستاويز ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي. نيب ٽيم سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي جيلز کاتي بابت صلاحڪار اعجاز جکراڻي خلاف گهيرو تنگ ڪندي کيس سوڙهو ڪرڻ شروع ڪيو آهي. اعجاز جکراڻي خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيتن وارن الزامن جي جاچ جي سلسلي ۾ نيب سکر جي ٽيم مئجسٽريٽ، ليڊيز اهلڪارن ۽ نيب ڪراچي جي ٽيم سان گڏجي صوبائي صلاحڪار جي ڊفينس ۾ سندس گهر تي ڇاپو هنيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب ٽيم اڱاري جي شام جو لڳ ڀڳ ساڍي ستين وڳين ڌاري ڇاپو هنيو ۽ رات جو پوڻين 12 هين وڳي تائين موجود رهي. ڇاپي دوران نيب ٽيم اعجاز جکراڻي جي گهر جي تلاشي ورتي، جتان ڪراچي، جيڪب آباد، سکر ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ سندس مليڪتن بابت دستاويزن جي پڇاڳاڇا ڪئي، جنهن دوران اعجاز جکراڻي جي گهر ڀاتين جي نشاندهجي تي اهم دستاويز هٿ ڪري پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن. نيب ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته اڄوڪي ڪارروائي، اعجاز جکراڻي جي اڳ ۾ ئي نيب هٿان گرفتار ڪيل ماروٽ عباس جکراڻي کان ڪيل جاچ ۽ سندس ئي ڪيل نشاندهي جي بنياد تي ڪئي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *