Friday , April 26 2024

نيب اڳوڻي دفاع واري وزير خواجا آصف کي گرفتار ڪري ورتو

حڪومت پي ڊي ايم جي تحريڪ کانپوءِ وائڙائپ جو  شڪار ٿي وئي آهي: مولانا فضل الرحمان/ بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت نون ليگ خلاف گهيرو تنگ ڪري ورتو، نيب دفاع واري اڳوڻي وفاقي وزير خواجا آصف کي گرفتار ڪري ورتو، نيب راولپنڊي هيڊڪوارٽرز منتقل. نيب لاهور جي ٽيم اسلام آباد ۾ ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال جي گهر تي چڙهائي ڪري خواجا آصف کي گرفتار ڪري نيب هيڊڪوارٽرز منتقل ڪري ڇڏيو آهي. نيب ترجمان تصديق ڪندي چيو آهي ته، خواجا آصف کي آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي. ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته احسن اقبال جي گهر ن ليگ جو اجلاس هلندڙ هو ته نيب جي ٽيم ڇڙهائي ڪري خواجا آصف کي گرفتار ڪري ورتو. پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خواجا آصف جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو آهي ته، حڪومت پي ڊي ايم جي تحريڪ کان پريشان ٿي وائڙائپ جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ انتقامي ڪاررواين تي لهي آئي آهي.

لمس ڄامشورو جي پرو وي سي يونيورسٽي ۾ بادشاهي قائم ڪري ورتي،17 کان وڌيڪ مختلف شعبن جو انچارج بڻيل

لمس ڄامشورو ۾500 کان وڌيڪ ملازمن جي غيرقانوني ڀرتي ڪرڻ جو انڪشاف،پرو-وي سي تي پارٽ ٽائيم دوران پي ايڇ ڊي جو الزام

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *