Friday , April 26 2024

نواز شريف لنڊن پهتل، ميان صاحب کي زهر ڏنو ويو : حسين نواز جي دعويٰ

حسين نواز پاران نواز شريف کي جيل اندر زهر ڏيڻ جي دعويٰ، معاملي جي جاچ جو مطالبو

لنڊن( سنڌسماءَچار   نيوز ڊيسڪ) اڳوڻو وزيراعظم علاج لاءِ لنڊن پهچي ويو ويو آهي، حسين نواز چيو آهي ته، ميان صاحب کي زهر ڏيڻ واري ڳالهه اسان ئي نه پر ماهر ڊاڪٽر به چئي رهيا آحن، معاملي جي  جاچ ٿيڻ گهرجي. نواز شريف لاهور هاءِ ڪورٽ پاران علاج لاءِ 8 هفتن جي ضمانت منظُور ٿيڻ کانپوءِ 19هين نومبر تي لاهور مان دوها رستي لنڊن پهچي ويو آهي، نواز شريف پنهنجي ايون فيلڊ فليٽس ۾ حسين نواز وٽ ترسيل آهي، جتي سندس لاءِ جديد سهولتن وارو آءِ سي يو به قائم ڪيو ويو آهي. ن واز شريف جي پٽ حسين نواز ايون فيلڊ ٻاهران ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته، ميان صاحب جي پيلٽيليٽس اوچتو انتهائي گهٽجي وڃڻ واري معاملي تي اسان خدشو ڏيکاريو هو ته کيس زهر ڏنو ويو آهي، صرف اسان ئي نه ماهر ڊاڪٽرن سان جڏهن ڳالهه ٿي ته انهن ب ه ان خدشي کي رد ناهي ڪيو. هن چيو ته اسان جي پهرين ترجيح ميان صاحب جو علاج ڪرائڻ آهي پر کيس زهر ڏيڻ يا نه ڏيڻ جي معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي اهو تمام ضروري آهي. اڳوڻي ناڻي واري وزير ۽ نون ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار چيو ته لڳي نه ٿو ته نواز شريف جو مڪمل علاج هڪ ئي جاءِ تي ۽ هتي برطانيا ۾ ٿئي، لڳي ائين ٿو ته کيس آمريڪا منتقل ڪرڻُ پوندو، پر اهو سڀ ماهر ڊاڪٽرز جي صلاح مشوري ۽ ابتدائي علاج کان پوءِ ئي ممڪن آهي.

” ٻار ڪتن جي ويجهو نه وڃن، اسان ڪتا سنڀاليون يا ٻار“: ڊاڪٽر عذرا پيچوهو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *