Saturday , April 27 2024

ملڪ ۾ پهرين جون کانپوءِ به تعليمي ادارا بند رکڻ جو فيصلو

سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي مخالفت، تعليمي ادارا پهرين جون تي نه کلندا

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌ سماءَ چار) وفاقي حڪومت سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب پاران مخالفت کانپوءِ تعليمي ادارا پهرين جون کانپوءِ به نه کولڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، تعليم جي وفاقي وزارت جي وزير شفقت محمود چيو آهي ته تعليمي ادارا ايندڙ حڪمن تائين بند رهندا. وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ تعليم جي بين الصوبائي وزيرن جو وڊيو لنڪ تي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪرونا سبب 31هين مئي تائين بند ڪيل تعليمي ادارا کولڻ بابت ويچاريو ويو، اجلاس دوران سنڌ، پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان جي تعليم کاتي جي وزيرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ وفاقي وزير شفقت محمود پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته، ٽن صوبن پهرين جون تي تعليمي ادارا کولڻ جي مخالفت ڪئي ۽ صرف ڪي پي حمايت ڪئي، سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي تعليم وارن وزيرن جو موقف هو ته ڪرونا جي صوورتحال اڃا واضح ناهي ۽ ڪيسز ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ اچي رهي آهي انڪري تعليمي ادارا پهرين جون کان نه ٿا کولي سگهجن، ان لاءِ اڃا انتظار ڪرڻو پوندو.

”ڪراچي ۽ سنڌ چوڻ تي معافي وٺڻ کي پنهنجي توهين سمجهان ٿو“: بلاول ڀٽو زرداري

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *