Friday , April 19 2024

”ڪراچي ۽ سنڌ چوڻ تي معافي وٺڻ کي پنهنجي توهين سمجهان ٿو“: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي ۽ سنڌ چوڻ تي ڪنهن ۾ همٿ آهي جو مون کان جواب گهري: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي( رپورٽ اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته، “ڪراچي ۽ سنڌ ” واري ڳالهه جي معافي وٺڻ پنهنجي توهين سمجهان ٿو، مونا معافي وٺڻ جا مطالبا اهي ڪري رهيا آهن جن جي پارٽي منشور ۾ سنڌ ورهائڻ شامل آهي. گذريل ڏينهن سنڌي ٽي وي نيوز چئنلز جي ڊائريڪٽر نيوز سان ملاقات ۽ کين انٽرويو به ڏنو. بلاول ڀٽو زرداري، ان انٽرويو دوران، ڪجهه ڏينهن اڳ سندس پاران ڪيل پريس ڪانفرس دوران، “ ڪراچي ۽ سنڌ ” وارو اسطلاح استعمال ڪرڻ بابت کائنس سوال ڪيو ويو ته، بلاول ڀٽو زرداري، ڪاوڙ واري لهجي ۾ جواب ڏيندي چيو ته “ ڪراچي اور سنڌ چوڻ تي معافي وٺڻ کي مان پنهنجي توهين ٿو سمجهان، ڪنهن ۾ همٿ آهي جو مونکا جواب گهري”. بلاول چيو ته، “ مون کان معافي وٺڻ جي ڳالهه اهي ڪري رهيا آهن جن جي پارٽي جي منشور ۾ سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه شامل آهي.

” اسان فيصلو ڪيو ته ڪراچي ۽ سنڌ کي بند ڪيون“: بلاول ڀٽو زرداري

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *