Saturday , April 27 2024

فنڪشنل ليگ چونڊڪو جا چونڊيل عوامي نمائندا تنقيد برداشت ڪرڻ کان لاچار، نوجوانن تي تشدد – ميڊيا جي نمائندن نوجوانن کي وڏيري آڏو پيش ڪيو:ذريعا

خيرپور( سنڌ سماءَ چار نيوز) خيرپور ضلعي جي ٽائون ڪميٽي چونڊڪوٽائون ڪميٽي جو چيئرمين ۽ فنڪشنل ليگ اڳواڻ خادم آرادين عوامي مسئلا حل نه ٿيڻ تي سوشل ميڊيا ۾ تنقيد ڪرڻ تان نوجوان کي تشدد جو نشانو بڻايو، متاثر نوجوان جو چوڻ آهي ته خادم آرادين کين ڪيترائي ڪلاڪ حبس بيجا ۾ به رکيو. معاملو سوشل ميڊيا تي اچڻ بعد ڦاٽ ڦاٽو، ذريعن جو چوڻ آهي ته متاثر نوجوانن کي بااثر وڏيري وٽ وٺي ويندڙن جو واسطو ميڊيا جي ادارن سان آهي.

چونڊڪو ٽائون ڪميٽي جي جي چيئرمين ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي انتهائي بااثر اڳواڻ خادم آرادين تي تنقيد جي سماجي ويب سائيٽ فيس بوڪ تي رکيل هڪ پوسٽ تي تنقيد ڪرڻ تان نوجوان  سنيل ڪمار، درشن لعل ۽ چمن لعل کي بنگلي تي گهرائي مبينا طور تشدد جو نشانو بڻايو ۽ کين ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين حبس بي جا ۾ رکيو ويو.

سنڌسماءَچار کي خيرپور، ڪوٽڏيجي ۽ ناري تعلقي مان مليل ڄاڻ مطابق ان ڳالهه جي تصديق ٿي آهي ته فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ خادم آرادين نوجوان سنيل ڪمار ۽ ٻين کي تشدد جو نشانو بڻايو. ” نوجوانن کي ان ڳالهه لاءِ دٻاءُ وڌو ويو ۽ تشدد ڪيو ويو ته سماجي ويب سائيٽ فيس بوڪ تي سندس / خادم آرادين خلاف رکيل پوسٽ واري فيس بوڪ آءِ ڊي ڪنهن جي آهي ۽ اهو شخص سندس حوالي ڪيو وڃي. سنيل ان پوسٽ تي ڪمينٽ ڇو ڪيو“.

چونڊڪو ۾ سماجي ويب سائيٽ تي ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين خلاف ڪمينٽس لکڻ تي بااثر وڏيري پاران ٽن نوجوانن تي مبينا تشدد ڪرڻ واري معاملي جو اڃا تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.  متاثر نوجوانن جي برادري پاران ايندڙ جمعي تي ڪٺ گهرائي ورتو آهي. جنهن ۾ سکر، گهوٽڪي، خيرپور جي مکين کي گهرايو ويو آهي. ٽائون ڪميٽي چونڊڪو جي چيئرمين خلاف ڪمينٽس لکڻ تي بااثر وڏيري ٽن هندو نوجوانن سنيل ڪمار، درشن لعل ۽ چمن لعل کي اوطاق تي گهرائي مبينا تشدد جو نشانو بڻايو هو.

متاثر نوجوان سنيل ڪمار هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته  ” بااثر وڏيري خادم آرادين پنهنجي اوطاق تي سڏائي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ چئن ڪلاڪن تائين کين ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو“.

نوجوانن کي وڏيري جي اوطاق تي وٺي ويندڙ ڪير هئا؟

سنڌسماءَچار جڏهن ان ڳالهه جي معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته، انتهائي تعجب ۽ حيرت ۾ وجهندڙ معلومات ملي آهي. سنڌسماءَچار کي اعتبار جوڳن ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب، تشدد جو نشانو بڻيل نوجوان سنيل ڪمار سندس ساٿين درشن لعل ۽ چمن لعل کي بااثر وڏيري ۽ فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ خادم آرادين وٽ وٺي ويندڙ ڪي ٻيا نه پر ميڊيا سان لاڳاپيل مقامي نمائندا هئا. سنڌسماءَچار جي ذريعن موجب ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل زاهد سهتو ۽ وحيد چانڊيو نوجوانن کي وڏيري خادم آرادين وٽ پيش ڪيو. نوجوانن کي وڏيري وٽ وٺي ويندڙ ميڊيا جا نمائندا ان رات لڳ ڀڳ اڍائي وڳي تائين وڏيري جي بنگلي/اوطاق تي موجود هئا“.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *