Friday , April 26 2024

سپاف جو ڊان لالا رضوان شيخ،پ پ جو ڏاڍو مڙس علي محمد سهتو!!

Ali muhammad sahitolala rizwan 01

حيدرآباد ۾ سپاف اڳواڻ پاران سنڌ هاءِ ويز جي انجنيئر کي ڌمڪين واري نئين آڊيو ريڪارڊنگ سامهون اچي وئي، سپاف اڳواڻ لالا رضوان جي انجنيئر مولابخش شيخ کي ڌمڪيون ڏيندي چيو آهي ته آئون حيدرآباد جو ڊان آهيان. هاف فراءِ ۽ ڦل فراءِ کان ناهيان ڊڄندو.

سپاف اڳواڻ لالا ضوان ايڪسيئن ورڪس اينڊ سروسز مولابخش کي فون تي ڌمڪيون ڏنيون،جنهن جي آڊيو رڪارنڊنگ منظر تي اچي ويون آهن.

 سپاف اڳواڻ لالا رضوان انجنيئر مولابخش کي فون تي  ڌمڪيون ڏيندي چيو ته توهان پ پ اڳواڻ علي محمد سهتو کان معافي وٺو ٻي صورت ۾ نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار رهو. منظر تي آيل وڊيون ۾ سپاف اڳواڻ ۽ پاڻ کي حيدرآباد جو ڊان سڏائيندڙ لالا رضوان، جي منظر تي آيل آڊيو رڪارڊنگ ۾ هُو انجنيئر مولابخش شيخ کي واضع طور تي چئي رهيو آهي ته؛

 ”مان حيدر آباد جو ڊان آهيان ڊان! منهنجا اڃا به 5 جوڙا سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ پيل آهن. تون حيدر آباد ۾ رهين ٿو ۽ تنهنجا ننڍا ننڍا ٻچا آهن. مان ته جبل ۾ رهندو آهيان جبل ۾! مان هاف فراءِ ۽ ڦل فراءِ کان به ڊڄڻ وارو ناهيان“.

سپاف اڳواڻ ۽ پاڻ کي ڊان سڏائيندڙ لالا رضوان جون ان آڊيو ٻيا اهڙا لفظ آهن جيڪي رپورٽ ڪرڻ جوڳا نه آهن.

ياد رهي ته ان کان اڳ ساڳئي انجنيئر کي ڪجھ ڏينهن اڳ پ پ اڳواڻ علي محمد سهتو به ڌمڪيون ڏنيون هيون جنهن جي آڊيو به منظر تي اچي چڪي آهي.

لالا رضوان ۽ علي محمد سهتولاءِ ٻڌايو پيو وڃي ته اُهي ٻئي اڳواڻ مولابخش چانڊيو، شرجيل ميمڻ، نثار کهڙو جا خاص ماڻهو سمجهيا ويندا آهن. ٻنهي اڳواڻن جي ڌمڪين واري مامري جي پيپلز پارٽي جي قيادت اڃا تائين ڪنهن به قسم جو نوٽيس ناهي ورتو.

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *