Friday , April 26 2024

سنڌ ۾ ڪرپشن جو بادشاهه سڏيو ويندڙ شرجيل ميمڻ جو نيب اهلڪارن سان گرفتاري وقت جهيڙو

   Sharjeel22

سنڌهاءِ ڪورٽ مان ضمانتن واريون درخواسستون رد ٿيڻ بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت ڪرائيندڙ سنڌ جو اڳوڻو سُڌسماءَ وارو وزير اسلام آباد پهچي ويو، صوبائي وزيرن مڪيش ڪمار چاولا ۽ امداد پتافي سان گڏ اسلام آباد ايئرپورٽ تي پهتل شرجيل ميمڻ کي نيب اختيارين حراست ۾ وٺڻ بعد نيب اختيارين کيس آزاد ڪري ڇڏيو آهي. شرجيل ميمڻ سومر ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي عارضي ضمانت ۾ واڌ واري درخواست ڏيندو. شرجيل ميمڻ خلاف 5 ارب رپيين کان وڌيڪ جي ڪرپشن، حيثيت کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ سميت مختلف ڪيس داخل ٿي آهن.

sham sunder2

سنڌ جو اطلاعات وارو اڳوڻو وزير شرجيل ميمڻ وطن واپسي تي اسلام آباد ايئرپورٽ تي گرفتار، سنڌ جي چئن وزيرن جي اهلڪارن سان هاٿاپائي، رپورٽ موجب سنڌ جو اڳوڻو اطلاعات وارو وزير ۽ پ پ اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ پوڻا 2 سال دبئي ۾ رهڻ بعد وطن واپس پهتو ته کيس اسلام آباد ايئرپورٽ تي گرفتار ڪيو ويو، گرفتاري وقت شرجيل انعام ميمڻ سان گڏ سنڌ جا 4 وزير فياض ٻٽ، تيمور ٽالپر، امداد پتافي ۽ مڪيش چاولا گڏ هئا، شرجيل انعام ميمڻ جيئن ئي جهاز مان ٻاهر نڪتو ته جهاز جي ڏاڪڻن تي ئي قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪارن گرفتار ڪري ورتو.

sham sunder4

گرفتاري دوران شرجيل ميمڻ توڙي وزيرن اهلڪارن سان مزاحمت ڪئي، جنهن دوران  وزيرن ۽ اهلڪارن وچ ۾ سخت هاٿاپائي ٿي پر ان باوجود  اهلڪار شرجيل انعام ميمڻ کي گرفتار ڪري کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، شرجيل ميمڻ کي گرفتاري بعد نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو، مٿس اطلاعات واري کاتي ۾ اشتهارن جي مد ۾ 5 ارب 80 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي، ذريعن موجب هن وطن واپسي کان اڳ پنهنجي مختلف ڪيسن ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي ڇڏي هئي، هن ڪيترائي ڀيرا پاڪستان اچڻ جي ٽڪيٽ ڪرائي ۽ آخري موقعي تي ڪينسل ڪرائي ڇڏيندو هو، شرجيل ميمڻ ڪراچي ۽ اسلام آباد ٻئي ٽڪيٽون ڪرايون پر اسلام آباد ايئرپورٽ تي لٿو، شرجيل ميمڻ کي گرفتار ڪندڙ اهلڪار سادن ڪپڙن ۾ هئا، جنهن جي ڪري واضح نه ٿي سگهيو ته هو قانون لاڳو ڪندڙ

Sharjeel Arrest1

اهلڪار هئا يا نيب اهلڪار هئا، ذريعن موجب شرجيل ميمڻ کي نيب سنڌ گرفتار ڪيو آهي، هوڏانهن ٽرانسپورٽ واري وزير ناصر شاهه چيو ته گرفتاري خلاف ڪورٽ ۾ وينداسين، پارٽي قيادت کي اطلاع ڏنو آهي، شرجيل جي هاءِ ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي هئي، کيس گرفتار ڪري زيادتي ڪئي وئي آهي، هو ڪو ڪرمنل ماڻهو ناهي، سندس سمورن ڪيسن ۾ ضمانت ٿيل آهي.

sham sunder3

امداد پتافي چيو ته شرجيل ميمڻ مون کي جهاز ۾ چيو ته آئون بيگناهه آهيان ۽ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪندس، امداد پتافي چيو ته شرجيل ميمڻ ملڪ ۾ آيو ڪيڏانهن ڀڄي نه پئي ويو، اسان کي ڌڪا ڏنا ويا، وزير آهيون، ان جو به خيال نه ڪيو ويو، خبر ناهي ته شرجيل کي ڪٿي کڻي ويا آهن، اسان پڇندا رهياسين ته ڇو گرفتار ڪيو پيو وڃي پر نه ٻڌايو ويو، هڪ شخص پنهنجي ڪيسن کي منهن ڏيڻ آيو، کيس هتي اچڻ جي سزا ڏني وئي، عدالت کي ڪيسن جو فيصلو ڪرڻ ڏيو، اهڙي طرح گرفتار ڪرڻ جو ڪو جواز نه ٿو بڻجي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *