Friday , April 26 2024

سنڌ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف منظم آپريشن جو فيصلو، فوج ۽ رينجرز پوليس جي مدد ڪندي

بااثر ماڻهن، پوليس آفيسرز ۽ صحافين وچ ۾ رابطن تي به نظر رکڻ ۽ سندن موبائل ۽ پي ٽي سي ايل فون نمبرز جي رڪارڊ جاچ ڪرڻ جو فيصلو:ذريعا

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڏوهارين خلاف ڀرپور نموني آپريشن جو حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي، ذفريعن موجب وڏي وزير ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ پوليس جي مدد لاءِ پاڪ فووج ۽ رينجرز به مقرر موجود هوندي. شڪارپور جي ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ ٽن پوليس اهلڪارن جي شهادت بعد سنڌ حڪومت ڌاڙيلن خلاف سخت آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي. شڪارپور، سکر، گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ ڪشمور سميت سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن ۽ ٻين ڏوهارين خلاف سخت آپريشن ڪيو ويندو. ذرفيعن جو چوڻ آهي ته آپريشن لاءِ منظم رٿابندي ڪئي ويندي، پوليس جي مدد لاءِ پاڪ فوج ۽ رينجرز به موجود هوندي، جنهن لاءِ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ قانوني ۽ گهرو کاتي کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق، سنڌ پوليس شڪارپور، گهوٽڪي، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ سکر جي ڪجهه بااثر ماڻهن، پوليس اهلڪارن کي انڊر آبزرويشن رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته پوليس آفيسرز ۽ صحافين وچ ۾ رابطن تي به نظر رکي ويندي، انهن جي موبائل ۽ پي ٽي سي ايل فون نمبرز جي رڪارڊ جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ لاڳاپيل اختيارين سان رابطي جي ذميواري انفارميشن ٽيڪنالاجي کان واقف پوليس آفيسر کي ڏني ويندي.

شڪارپور ٽن پوليس اهلڪارن جي شهادت، 3کان 4 ڪلاڪ خبر ڪيئن لڪائي وئي

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *