Saturday , April 27 2024

شڪارپور ٽن پوليس اهلڪارن جي شهادت، 3کان 4 ڪلاڪ خبر ڪيئن لڪائي وئي

ڪراچي / شڪارپور ( اصغر آزاد / خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) شڪارپور جي ڪچي ۾ پوليس مقابلي دوران ڌاڙيلن جي حملي ۾ ٽن پوليس اهلڪارن جي شهادت واري خبر ٽن کان چئن ڪلاڪن تائين لڪائي وئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽن ضلعن جي ڪجهه صحافين وٽ پهتل خبر پوليس جي چوڻ تي لڪائي وئي، لاڙڪاڻي جي هڪ صحافي به خبر تي پردو رکيو. شڪارپور جي ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ 23هين مئي آچر تي اغوا ٿيل ٻن ڄڻن کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرائڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو، جنهن دوران ڌاڙيلن حملو ڪري ٽن پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو، ساڍي ڇهين کان سوا ست وڳي دوران ميڊيا تي آيل خبر ان کان لڳ ڀڳ ٽي کان چار ڪلاڪ پهريان ئي شڪارپور، ڪنڌڪوٽ جي ڪجهه صحافين کي پئجي وئي هئي.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ٽن پوليس اهلڪارن جي شهادت واري خبر صحافين کي پئي جن ايس ايس پي شڪارپور ۽ ڪنڌ ڪوٽ جي صحافين سان گڏ لاڙڪاڻي جي هڪ صحافي کي به اُها خبر ملي پر صحافين تائين پهتل ان خبر کي پوليس روڪرائي ڇڏيو. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق ڌاڙيلن جي حملي ۾ اي پي سي اندر 3 اهلڪار شهيد ٿيا ۽ ٻه جوان زخمي ٿيا، ٻن ڪلاڪن جو وقت گذري وڃڻ باوجود سندن ڪا به واهر نه ٿي ته انهن مان هڪ اهلڪار پولبائل فون تي وڊيو رڪارڊ ڪري ڪجهه ساٿي پوليس اهلڪارن سميت ڪجهه واٽس ايپ گروپن تي شيئر ڪئي. وڊيو شيئر ٿيڻ بعد اُها ٻين سماجي رابطن جي سائيٽس تي شيئر ٿي جنهن کانپوءِ پهريان هڪ پوليس ۽ بعد ۾ ٽن اهلڪارن جي شهادت ۽ چئن جي زخمي ٿيڻ جون خبرون ميڊيا تي هلڻ شروع ٿيون.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *