Saturday , April 27 2024

سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ پهريان صوبي جي شاگردن کي داخل ملندي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (چيف رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته، سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ پهريان سنڌ جو ڊوميسائل رکندڙ شاگردن / اميدوارن کي داخلائون ملڻ گهرجن، پوءِ جيڪڏهن گنجائش هجي ته ٻين صوبن جي شاگردن کي داخلا ڏئي سگهجي ٿي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جا ميڊيڪل ڪاليجز ۾ وفاق ۽ صوبي وچ ۾ تڪرار واري ڪيس تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس، ڏيندي چيو ته ڪنهن به صوبي جي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ پهريان ان صوبي جي شاگردن کي داخلا ملڻ گهرجي، ائين سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ به پهريان صوبي جي شاگردن کي داخلا ملڻ گهرجي. ٻڌڻي دوران پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسل / پي ايم سي جي وڪيل چيو ته نئين قانون تحت ڊوميسائيل جي حد ختم ڪئي وئي آهي، جنهن تي عدالت پي ايم سي جي وڪيل کان سوال ڪيو ته، ڇا سنڌ ۾ پنجاب ۽ پنجاب ۾ ڪي پي جي شاگردن کي داخلا ڏيندئو؟ پوءِ لاڳاپيل صوبي جا شاگرد ڪيڏانهن ويندا؟ پهرين مقامي شاگردن کي داخلا ملڻ گهرجي، بعد ۾ ٻين صوبن جي شاگردن لاءِ گنجائش ڪڍي وڃي.

لمس ڄامشورو جي پرو وي سي يونيورسٽي ۾ بادشاهي قائم ڪري ورتي،17 کان وڌيڪ مختلف شعبن جو انچارج بڻيل

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *