Saturday , April 27 2024

حڪومت ۽ سپريم ڪورٽ سڌو ٽڪراءَ ۾ اچي ويا

اسلام آباد ( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) پنجاب ۾ اليڪشن ڪرائڻ لاءِ تحريڪ انصاف جي درخواست تي سپريم ڪورٽ پاران چونڊون ڪرائڻ واري فيصلي کانپوءِ اتحادي حڪومت ۽ سپريم ڪورٽ سڌو ٽڪراءَ ۾ اچي ويا آهن، فيصلي خلاف قومي اسيمبلي مان ٺهراءُ منظور، وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر معاملي تي لارجرز بئنچ جوڙي ڪيس ٻيهر ٻڌڻ جو به مطالبو ڪيو آهي. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي پنجاب ۾ چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي ٽَي رڪني بئنچ جو فيصلو رد ڪندي پنجاب ۾ چونڊن واري فيصلي خلاف قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. بي اي پي جي اڳواڻ سردار خالد مگسي ايوان ۾ ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته ايوان سپريم ڪورٽ جي ٽَي رڪني بئنچ جي فيصلي کي رد ڪري ٿو، پنجاب ۾ چونڊن واري ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ جوڙي وڃي، اقليتي فيصلي سان ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ٿي رهيو آهي. قومي اسيمبلي ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو.

وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر چونڊن واري معاملي بابت سپريم ڪورٽ جِي فل ڪورٽ بئنچ جوڙڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسان کي حڪم ڏنو وڃي ٿو ته وزيراعظم اڪيلو ڪجهه نٿو ڪري سگهي، جن اهڙو حڪم ڏنو اهي پاڻ عمل ڇو نٿا ڪن، حڪم ڏيندڙن تي پنهنجا فيصلا لاڳو ڇو نٿا ٿين؟، اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 9 ججز تي ٻڌل بئنچ آخر ٽن ججز تائين اچي پهتي، فل ڪورٽ بينچ جوڙي وڃي ها ته سڀ فيصلي کي قبول ڪن ها، ڪا به سياسي پارٽي چونڊن کان ڀڄي نٿي سگهي، قاضي فائز عيسيٰ جي فيصلي کي سرڪيولر ذريعي ختم ڪيو ويو، اسان سڀني کي عدالتن جو احترام ڪرڻ گهرجي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *