Sunday , April 28 2024

انور مجيد ۽ اي جي مجيد اسان جي حوالي ڪيو: نيب عدالت پهچي وئي

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني مجيد جي پريشانين ۾ اضافي ٿيڻ وارو آهي، نيب اختيارين ٻنهي ڄڻن کي پنهنجي تحويل ۾ ڏيڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي، بئنڪنگ ڪورٽ اربع ڏينهن فيصلو ٻڌائيندي. جعلي بينڪ اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ واري ڪيس ۾ گرفتار انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني مجيد جي ڏکائين ۾ وڌيڪ واڌ ٿي وئي، نيب عبدالغني مجيد جي گرفتاري لاءِ بينڪنگ ڪورٽ سان رابطو  ڪري ورتو آهي. نيب پاران بينڪنگ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عبدالغني مجيد زمينن جي غيرقانوني الاٽمينٽ، جعلي اڪائونٽس ۽ ڪرپشن ڪيسز ۾ گهربل آهي. نيب جي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته غني مجيد خلاف نيب وٽ اهڙا ثبوت موجود آهن جيڪي ايف آءِ اي ۽ جي آءِ ٽي به حاصل ناهي ڪري سگهي. عدالت کي درخواست ڪئي وئي ته نيب کي عبدالغني مجيد جي گرفتاري جي اجازت ڏني وڃي ته جئين وڌيڪ جاچ ڪري سگهجي. بينڪنگ ڪورٽ نيب جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو اربع ڏينهن ٻڌايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *