Friday , April 26 2024

تبديلي سرڪار مهانگائي سٽيل عوام مٿان پيٽروليم بم ڪيرائي ڇڏيو

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماچار) مٿان پيٽرول بم ڪيرائيندي پيٽروليم شين جا اگهه 6 رپين تائين وڌائي ڇڏيا آهن، پيٽرول 3 رپيا 97 پئسا في ليٽر مهانگو ڪري ڇڏيو آهي، ناڻي واري وزارت پاران اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي اگهن ۾ 3 رپيا 97 پئسا واڌ کانپوءِ نئون اگهه 103 رپيا 97ڪئي وئي آهي، ڊيزل جي قيمت ۾5 رپيا في لٽر واڌ ڪئي وئي،گاس پئسا مقرر ڪئي وئي آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ پنج رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قمت 106 رپيا46 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ به 6 رپيا62 پئسا في لٽر واڌ ڪرڻ بعد نئين قيمت 62 رپيا 86 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي. اهڙي طرح گاسليٽ جي نئين قيمت 65 رپيا29 پئسا مقررر ڪئي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *