Monday , April 29 2024

ڪراچي کي واپس پاڪستان جي گادي جو هنڌ بڻايو: پيرپاڳارو

ڪراچي کي واپس پاڪستان جي گادي وارو هنڌ بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ها: پير پاڳارو

ڪراچي جا انتظام وفاق جي حوالي ڪيا ويندا: ايم ڪيو ايم اڳواڻ فروغ نسيم

ڪراچي ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) حرن جي روحاني پيشوا ۽ جي ڊي اي جي سربراهه پير پاڳاري چيو آهي ته ڪراچي کي وفاقي حڪومت جي انتظام هيٺ ڏيڻ واري ڳالهه قبول ناهي، وفاقي وزير ۽ ايم ڪيو ايم اڳاوڻ فروغ نسيم پاران ڪراچي جا انتظام وفاق حوالي ڪرڻ واري بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي حرن جي روحاني پيشوا ۽ جي ڊي اي جي سربراهه پير پاڳاري چيو آهي ته، فروغ نسيم جو اهو بيان قبولڻ جهڙو ناهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪيو ويندو، وفاقي وزير کي سوچي سمجهي بيان ڏيڻ گهرجي ها. ميڊيا رپورٽس مطابق پير پاڳاري چيو آهي ته، جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو هو ته ان وقت ڪراچي پاڪستان جو گادي وارو هنڌ هو، جنهن بعد اسلام آباد کي گادي جو هنڌ بڻايو ويو، پير پاڳاري چيو آهي ته ڪراچي کي واپس پاڪستان جي گادي وارو هنڌ ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي ها.

ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جو سنڌ دشمن ڳٺ جوڙ منظر تي اچي ويو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *