Tuesday , March 19 2024

ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جو سنڌ دشمن ڳٺ جوڙ منظر تي اچي ويو

ڪراچي جا انتظام وفاق جي حوالي ڪرڻ  واري ايجنڊا تي پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم هڪ پيج تي آهن: فروغ نسيم

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪراچي تي قبضي جي سوچ رکندڙ ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جو سنڌ دشمن ڳٺ جوڙ نيٺ منظر تي اچي ويو آهي، مشرف ۽ ايم ڪيو ايم باني جي ويجهي ساٿي فورغ نسيم ڪراچي کي وفاقي حڪومت جي انتظامن هيٺ ڏيڻ لاءِ آئيني بهانا پيش ڪري رهيو آهي، فروغ نسيم چيو آهي ته ڪراچي کي آئين جي آرٽيڪل 49 جي سب سيڪشڻ 4 تحت ڪراچي جا انتظام وفاق حوالي ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. فروغ نسيم چيو آهي ته اها تجويز وزيراعظم عمران خان جي  چوڻ تي تيار ڪئي آهي، جيڪا ان جي آڏو پيش ڪنداسين، جنهن کانپوءِ اُها وفاقي ڪابينا جي آڏو پيش ڪئي ويندي. قانوني واري وزير جو چوڻ هو ته وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ان کي لاڳو ڪيو ويندو، جيڪڏهن سنڌ حڪومت ان کي قبول نه ڪيو ته پوءِ عدالت وينداسين.

هن چيو ته آرٽيڪل 149 گورنر راڄ جي ڳالهه نه ٿو ڪري، ان کان به وڌيڪ ڳالهين تي اتفاق ٿي ويو آهي پر في الحال انهن بابت نه ٿو ٻڌائي سگهان، وفاقي وزير فروغ نسيم چيو ته ڪراچي کي وفاق جي ڪنٽرول ۾ وٺڻ لاءِ جلد اعلان ڪيو ويندو. فروغ نسيم چيو ته گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لڳائڻ بنا ان آرٽيڪل سان ڪراچي جا انتظام هلائي سگهجن ٿا، ڪراچي جو عوام مسئلن جو حل چاهي ٿو. سندس چوڻ آهي ته ڪراچي جا انتظام وفاق حوالي ڪرڻ سان پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم هڪ پيج تي آهن، هن چيو ته سياسي جماعتن آرٽيڪل 149 کي آئين مان ناهي ڪڍيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *