Saturday , April 27 2024

اختلاف راءِ ڇو؟ خيبرپختونخوا جا ٽي صوبائي وزير گهر ڀيڙا

اختلاف راءِ ڇو؟ عمران خان ڪي جي ٽن صوبائي وزيرن کان وزارتون کسي ورتيون

اسلام آباد( خاص نمائندو سنڌ سماءَچار) تحريڪ انصاف ۾ اختلاف راءِ رکڻ اڻ اعلانيل پابندي لڳي وئي آهي، وزيراعظ۾ عمران خان جي هدايت تي خيبرپختونخوا جي سينئر صوبئي وزير سميت ٽن وزيرن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي، ڪي پي جي گورنر شاهه فرمان سينئر وزير عاصف خان، صحت کاتي جي وزير شهرام ترڪئي، روينيو جي صوبائي وزير شڪيل احمد کي عهدن تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. گورنر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آحي ته، صوبائي وزير عاطف ڪي پي جي وڏي وزير محمود خان سان ناراض هو، پر وزيراعظم سان ملاقات کان اڳ عاطف خان سوڌو ٽن وزيرن کي ڪابينا کان ئي ڌار ڪري ڇڏيو. خيبرپختونخواه جي سڌ سماءِ واري وزير شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته وزيراعظم جي هدايتن تي ٽنهي وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي آهي، جِن وزيرن کي ڪڍيو ويو آهي، اُنهن مان هڪ وڏ وزارت لاءِ اُميدوار هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *