Friday , April 26 2024

آءِ جي سنڌ جي بدلي، وفاقي ۽ سنڌ سرڪار کي نڙي ۾ ڦاسي پيو

وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ جو صلح ٿي ويندو؟ ڪليم امام جي بدلي رڪجي ويندي

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌ سماءَچار) آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي بدلي سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کي نڙي ۾ ڦاسي پيو آهي، جنهن کي نه وفاقي حڪومت تبديل پئي ڪري نه ئي وري سنڌ حڪومت کيس قبولي رهي آهي، سنڌ ڪابينا جي منظوري کانپوءِ سنڌ حڪومت، آءِ جي ڪليم امام کي بدلي ڪري سنڌ پوليس جو نئون سربراهه مقرر ڪرڻ لاءِ لاءِ 5 سينئر پوليس آفيسرز جا نالا وفاقي سرڪار کي اماڻيا هئا، جيڪي وزيراعظم عمران خان جي خاطري جي باوجود وفاقي ڪابينا سنڌ جو آءِ جي بدلي ڪرڻ جي مخالفت ڪري نئون ڦڏو شروع ڪري ڇڏيو آهي. هيڏانهن وري وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاقي ڪابينا جي فيصلي کانپوءِ رات جو ديرسان فوري طور تي ڪجهه وزيرن کي وزيراعليٰ هائوس سڏائي فيصلو ڪيو ته، وفاقي ڪابينا جو فيصلو قبول ناهي، جيڪي نالا وفاقي حڪومت کي اماڻيا آهن، انهن مان ئي ڪنهن هڪ کي سنڌ پوليس جي ڪمانڊ حوالي ڪئي وڃي.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق آءِ جي سنڌ جي تبديلي بابت وزيراعليٰ هئاوس ۾ ٿيل اجلاس کانپوءِ سيد مراد علي شاهه، پارٽي جي ڪو چيئرمين اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات جو چئي سي ايم هائوس مان روانو ٿي ويو، پر مراد علي شاهه آصف زرداري سان ملاقات لاءِ وڃڻ کان اڳ ۾، صوبي جي هڪ انتهائي طاقتور شخصيت سان رابطو ڪري ملڻ جو چيو، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته وڏي وزير جي چند گهڙين واري ان ملاقات ۾ کيس هدايت ڪئي وئي آهي ته ذاتي طور تي آءِ جي سنڌ جي تبديلي واري معاملي کي ڪجهه ڏينهن لاءِ زور نه ڀري، ان لاءِ ” ڏسو ۽ انتظار ڪيو “ تي عمل ڪيو وڃي، سواءِ بيانن جي وڌيڪ ڪنهن به عمل کان پاسو ڪري. ذريعن موجب وڏي وزير مراد علي شاهه کي هدايت ڪئي وئي ته، آءِ جي وارو معاملو حل ڪري وٺبو پر ان ۾ هُو ذاتي طور ڪا به جلد بازي نه ڪري. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته، وڏي وزير بابت هڪ ٽارگيٽ ڪلر واري بيان بابت به اصل حقيقت کان آگهاي ڏني وئي آهي، جنهن لاءِ کيس اهنو به چيو ويو آهي  ته تسلي لاءِ هو ذاتي طور هڪ ڀيرو ٻيهر ڇنڊڇاڻ ڪري سگهي ٿو. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي بدلي وارو معاملو في الحال رولڙي جي ور چڙهي ويو آهي، جيڪو ايترو تڪڙو حل نه ٿيندو، جيڪڏهن تڪڙو به آءِ جي بدلي ٿيو ته فيبروري جي ٻئي هفتي ۾ ئي ٿيندو ۽ جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ طاقتور ڌريون وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ ڪليم امام وچ ۾ صلح صفائي ڪرائي معاملو سڌو ڪري ڇڏينديون، ان ۾ ڪجهه ايس ايس پيز سان گڏ هڪڙي ايڊيشنل آءِ ۽ ٻن ڊي آءِ جيز (اهم عهدن وارن جي) جي قرباني به ڏئي سگهجي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *