Friday , April 26 2024

وفاقي حڪومت اين ايف سي جي مد ۾ 200 ارب کان وڌيڪ جي رقم نه ڏني، سنڌ جي 18 ارب کان وڌيڪ گهاٽي واري بجيٽ پيش

وفاقي حڪومت پاران آئين جي خلاف ورزي، سنڌ کي هن سال به اين ايف سي ايوارڊ نه ڏنو

اين ايف سي نه ملڻ ڪري سنڌ کي 230 ارب رپين کان وڌيڪ جو معاشي جهٽڪو

ڪراچي (رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت پاران اين ايف سي جي مد ۾ 230 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم نه ڏيڻ سبب سنڌ جي نئين مالي سال جي 18 ارب 38 ڪروڙ رپين جي گهاٽي واري 12 کرب 41 ارب کان وڌيڪ جي ب جيٽ پيش، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته انتهائي ڏکين حالتن ۾ بجيٽ پيش ڪئي آحي، فنڊز جي کوٽ باوجود سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ جي تجويز ڏني آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ وڏي وزير جي بجيٽ تقرير دوران اپوزيشن ميمبرن جي احتجاج ۽ هُل سبب ايوان سبزي منڊي جو ڏيک ڏيڻ لڳو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اربع ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران نئين مالي سال 2020-21 جي بجيٽ پيش ڪئي.

سنڌ جي ناڻي وارو وزير نه هئڻ ۽ اهُو قلمدان وڏي وزير وٽ هئڻ ڪري مراد علي شاهه بجيٽ پيش ڪئي، بجيٽ تقرير ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته بجيٽ جو مجموعي ڪاٿو 12 کرب 41 ارب 13 ڪروڙ رُپيا لڳايو ويو، جنهن ۾ نئين مالي سال دوران ٽئڪسز جي اوڳاڙي جو ڪاٿو هڪ کرب 22 ارب رُپيا مقرر ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته هن سال سنڌ ۾ مختلف ترقياتي منصوبن لاءِ خرچن جو ڪاٿو 223 ارب ۽ غير ترقياتي خرچن جو 9 کرب 86 ارب رُپيا ڪاٿو لڳايو ويو. بجيٽ ۾ تعليم لاءِ 244 ارب، صحت لاءِ 193 ارب رکيا ويا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته زراعت کاتي لاءِ 15 ارب 84 ڪروڙ ۽ ماڪڙ جي خاتمي لاءِ 44 ڪروڙ رُپيا مخصوص ڪيا ويا جڏهن ته آبپاشي کاتي جي بجيٽ 23 ارب مان گهٽائي 17 ارب رُپيا ڪئي وئي.

ڪرونا جي وبا چوٽ چڙهيل، انڊس اسپتال 300 ملين رپيا  ملڻ باوجود ڪرونا جي مريضن لاڊ در بند ڪري ڇڏيا

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *