Friday , April 19 2024

ڪرونا جي وبا چوٽ چڙهيل، انڊس اسپتال 300 ملين رپيا  ملڻ باوجود ڪرونا جي مريضن لاڊ در بند ڪري ڇڏيا

نان پيراميڊڪس اسٽاف کان آن لائن گهرن مان ويهي ڪم ڪرڻ  واري سهولت واپس وٺي ڇڏي، آفيس اچڻ جي هدايت

ڪراچي (رپورٽ آفاق ڀٽي سنڌسماءَچار) عالمي وبائي ڪرونا وائرس جي سنڌ ۾ ظاهر ٿيڻ کانپوءِ اندر26 فيبروري تي پهرين مريض جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت  پاران هنگاامي بنيادن تي جار، آئسوليشن سينٽر سميت رڳو 26 بيڊز تي مشتمل وينيٽيليٽرز جي سهولت جو وارڊ قائم ڪري سگهي، عملي طور مريضن جي لاءِ به اسپتال جا در بند ڪيا ويا، خيراتي اسپتال جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۽ مستقل چندو ڏيندڙن لاءِ هر قسم جي سهولتن جو بندوست ڪيو ويو، عام مريض پريشان، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪرونا جي وبا زور وٺڻ بعد نان پيراميڊڪ اسٽاف کي آفيس ۾ اچي ڪم ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو آهي، جنهن سان انهن سمورن ماڻهن جون حياتيون خطري ۾ پئجي ويون آهن. سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي پهرين ڪيس سنڌ حڪومت تڪڙا اُپاءَ وٺندي سنڌ حڪومت جي سرڪاري توڙي نجي شعبي جي ماهر ڊاڪٽرز ۽ طبي شعبي سان واڳيل ماڻهن سان گڏجي ڪرونا وائرس جي وبا کي منھن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انڊس اسپتال تي اعتماد جو اظھار ڪندي ڪرونا وائرس جي روڪٿام، عوام ۾ آگاھي ۽ ٽيسٽنگ جي مد ۾ تڪڙا قدم کڻندي فوري طور تي 300 ملين رپين جي خصوصي گرانٽ جاري ڪئي ۽ مريضن جي ٽيسٽنگ لاءِ 10هزار ڪٽس، ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي ٻئي عملي لاءِ لاءِ حفاظتي ڊريس ۽ ٻيو ضروري سامان به مهيا ڪيو ويو. انڊس اسپتال 300 ملين رپين جي وڏي رقم ملڻ باوجود انڊس اسپتال ڪورنگي ۾ وينٽيليٽرز ۽ ٻين ضروري سهولتن تي مشتمل 26 بسترن جو هڪ خصوصي وارڊ قائم ڪري سگهي، جنهن سان گڏ اسپتال کي مختلف نجي ادارن ۽ شخصيتن پاران به فنڊز ملندا رهيا پر وينٽيليٽرز ۽ ٻين انتهائي ضروري سهولتن تي مشتمل وارڊ کي نه وڌايو ويو. انڊس اسپتال وائرس جي شروعاتين ڏينهن ۾ نان پيراميڊڪ استاف کي گهران ويهي آن لائن ڪم ڪرڻ جي سهولت ڏني، پر جيئن ئي وبا زور ورتوآهي ته انتظاميا سموري نان پيراميڊڪ استاف کي آفيس اچڻ جو پابند بڻايو آهي، ان اسان گڏوگڏ سنڌ حڪومت جي صلاح مشوري کانسواءِ ئي اسپتال ۾ نوان مريض داخل ڪرڻ بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ اسپتال جي ٻاهران اهڙا بئنر لڳايا ويا آهن، جيڪي عوامي دٻاءَ کانپوءِ هٽايا ته ويا آحن پر نوان مريض داخل ڪرڻ واري  نظام کي انتهائي سخت ڪري جهڙوڪر بين لڳايو ويو آهي.

انڊس اسپتال سنڌ حڪومت جي مليل گرانٽ مان گڏاپ واري علائقي جي دنبا ڳوٺ ڀرسان آئسوليشن ۽ ٽيسٽنگ سينٽر قائم ڪيو ويو، ذريعن موجب ڪرونا پازيٽو ظاهر ٿيندڙ مريضن جي اڪثريت مان کين گهنرن ڏانهن موڪلي اتي آئسوليٽ ٿيڻ لاءِ اماڻيو پيو وڃي، جنهن سان مريضن پاران احتياط نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ مرض وڌيڪ ڦهلجي رهيو آهي.

ان کان علاوه اينگرو فرٽيلائزر ڪمپني 95ملين رپيا انڊس اسپتال کي جاري ڪيا ويا ته وبا تي ضابطو آڻي سگھجي، ان مان انڊس اسپتال لاڙڪاڻو، نوابشاهه، سکر، بدين، جامشورو ۽ ٿرپارڪر ۾ عارضي ڪئمپ قائم ڪري ڪرونا وائرس جي ٽيسٽنگ ڪئي پئي وڃي، ان کان علاوه مختلف سماجي تنظيمن ۽ ميڊيڪل ڪمپنين به انڊس اسپتال جي مالي مدد سميت، ماسڪ، پي پي ٽي ڪٽس، ٽيسٽ ڪٽس، وينٽيليٽر، ۽ ٻيو ضروري سامان پڻ مھيا ڪيو ويو، انڊس اسپتال ۾ اڳ ۾ ٻه کان ٽي سئو ٽيسٽنگ ڪئي پئي وئي پر ھاڻي ڪورونا ٽيسٽنگ جو انگ وڌائي 8سئو ڪيو ويو آھي.

ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته انڊس اسپتال ۾ ڪرونا کان بچڻ لاءِ لاڳو ڪيل ضابطن جي به خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي، ان سلسليل سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق هڪ شخص نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته، “مان پنهنجي 5 ورهين جي نياڻي جنهن کي برين ٽيومر آهي ان جو علاج ڪرائڻ لاءِ  انڊس اسپتال ويس، اسپتال ۾ نياڻي جي داخل ٿيڻ ۽ منهنجي اتي اچڻ وڃڻ کان اڳ اسان ٻنهي کي ڪرونا نه هئي پر هاڻي هُو ٻئي ڪرونا پازيٽو آهن، اسپتال اندر سينيٽائيزر سميت بنيادي حفاظتي انتظامن تي عمل نه پيو ڪيو وڃي”، هن ٻڌايو ته “ اسپتال جي هڪ وارڊ کان ٻئي وارڊ يا بلڊنگ ڏانهن اچڻ وڃڻ دوران به ڪنهن قسم جو احتياط نه ٿو ڪيو وڃي، جنهن سان به ڪرونا پکڙجي رهيو آهي، اسپتال اندر سماجي وٿي تي به عمل ڪرائڻ لاءِ انتظاميا جي ڪا به دلچسپي نظر ناهي ايندي”.

ان صورتحال ۾ پورهيتن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم ريڊ ورڪرز فرنٽ مطالبو ڪيو آهي ته انڊس اسپتال اندر ڪم ڪندڙ پورهيتن خاص طور تي نان پيراميڊڪ اسٽاف ۽ ٻئي عملي کي ڪرونا جي حفاظ لاءِ مقرر ڪيل ايس او پيز تحت سهولتون ڏنيون وڃن، کين آن لائن ڪم ڪرڻ واري سهولت ڏني وڃي، اسپتال اندر ڪرونا جي بچاءَ لاءِ لاڳو ڪيل ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي، جيئن پورهيتن جو تحفظ ٿيڻ سان گڏ وبا جي ڦهلجڻ کي روڪي سگهجي.

ان سلسلي ۾ نامياري قانوني ماهر قاضي جاويد به مطالبو ڪيو آهي ته انڊس اسپتال ملندڙ شڪايتن جو جائزو وٺي انهن کي حل ڪيو وڃي .

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *