Saturday , April 27 2024

شڪارپور: اينٽي ڪرپشن جي ڪارروائي، ناڻي کاتي جي ضلعي آفيس جو اڪائونٽس آفيسر گرفتار

Rahib Sheikh anti coruuption1

شڪارپور ۾ اينٽي ڪرپشن جي ٽيم ڪارروائي ڪري ناڻي کاتي جيڪب آباد ضلعي آفيس جي اڪائونٽس آفيسر قيصر هاشمي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي اڱاري ڏينهن لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ ورتو ويندو.

اينٽي ڪرپشن پوليس جي سرڪل آفيسر عبدالوهاب ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ هڪ ٽيم جيڪب آباد جي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس تي ڇاپو هڻي، ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ۾ ملوث، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر قيصر ھاشمي گرفتار ڪيو. اينٽي ڪرپشسن ٽيم جي سرڪل آفيسر جو چوڻ آهي ته قيصر هاشمي 2015 ۾ جي پي فنڊن ۾ گهوٻيون هڻڻ جو الزام آهي، جنهن ڪيس به داخل ٿيل آهي. مامري جي جاچ بعد جيڪب آباد اڪائونٽس آفيسر قيصر هاشمي کي ٻڌو آهي.

گرفتار جوابدار قيصر هاشمي پنهنجو موقف ڏيڻ جواب ڏئي ڇڏيو. ٻي طرف معلوم ٿيو آهي ته، پ پ ايم پي اي سهراب سرڪي جي سرڪل آفيسر کي فون گرفتار ٿيل جوابدار قيصر هاشمي تي هٿ هلڪو رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

ڪرونا وائرس تيزي سان ڦهلجڻ لڳو، سنڌ ۾ مريضن جو انگ 1020 ٿي ويو

 سنڌ ۾ ڪرونا جي مريضن جو انگ 1020، پنجاب ۾2040 ٿي ويو پاڪستان ۾ مريضن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *