Friday , April 26 2024

سينيٽ جي ٽڪيٽ جو جهيڙو، لياقت جتوئي ۽ سيف الله ابڙو ۾ جهيڙو وڌي ويو

سينيٽ جي اليڪشن، پي ٽي آءِ سنڌ جي رڌڻي ۾ رولو وجهي ڇڏيو، لياقت جتوئي ۽ سيف الله ابڙو آمهون سامهون، هڪ ٻئي تي الزامن جو مينهن وسائي ڇڏيو

سيف الله ابڙو کي پي ٽي آءِ پاران مليل سينيٽ لاءِ ٽيڪنوڪريٽ جي ٽڪيٽ به نه ڦٻي، رهندو الزامن جي ور چڙهي ويو، لياقت جتوئي پاران گورنر هائوس ۾ سينيٽ ٽڪيٽ لاءِ 35 ڪروڙ رپيا وٺڻ جوڳ الزام

ڪراچي / سکر  (چيف رپورٽر / خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سينيٽ جي اليڪشن ۾ ٽڪيٽن جي معاملي تان حڪمران جماعت تحريڪ انصاف سنڌ جي رڌڻي ۾ رولو وجهي ڇڏيو آهي، اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي ۽ سيف الله ابڙو جي هڪٻئي تي الزامن پي ٽي آءِ سنڌ ۾ ڏار وجهي ڇڏيا آهن. سينيٽ جي ٽڪيٽن تان ٿيل تڪرار کانپوءِ، لياقت جتوئي سيف الله ابڙو ۽ پي ٽي آءِ قيادت تي ڏوڪڙن عيوض ٽيڪٽون وڪرو ڪرڻ جا الزام لڳايا ته پي ٽي آءِ ۾ طوفان اچي ويو. لياقت جتوئي سيف الله ابڙو ۽ پي ٽي آءِ سنڌ جي قيادت تي الزام هنيو ته، سيف الله ابڙو کي سينيٽ لاءِ ٽيڪنوڪريٽ جيٽڪيٽ ڏيڻ لاءِ 35 ڪروڙ رپين جي ڊيل ٿي ۽ اُهي ادا ڪيا ويا. لياقت جتوئي الزام هنيو ته سيف الله ابڙو کان ٽڪيٽ لاءِ 35 ڪروڙ رپيا وٺڻ واري ڊيل سنڌ گورنر هائوس ۾ ٿي. ياد هجي ته سيف الله ابڙو جي ٽيڪنوڪريٽ واري ٽڪيٽ تي اعتراضن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن کيس نااهل به قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

لياقت جتوئي پاران سيف الله ابڙو تي 35ڪروڙن عيوض ٽڪيٽ وٺڻ وارن الزامن کانپوءِ پي ٽي آءِ سنڌ جي رڌڻي ۾ رلو وڌيڪ تيز ٿي ويو آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ سيف الله ابڙو لياقت جي جا الزام رد ڪندي کيس هرجاڻي جو نوٽيس اماڻي ڇڏيو آهي، پنهنجي وڪيل معرفت لياقت جتوئي کي موڪليل نوٽيس ۾ سيف الله ابڙو چيو آهي ته، لياقت جتوئي پاران منهنجي مٿان لڳايل الزام بي بنياد آهن، جيڪڏهن وٽس ڪي ثبوت آحن ته اُهي پيش ڪري يا لياقت جو لڳايل الزامن تي کائنس / سيف ابڙو کان معافي وٺي، ٻي صورت ۾ ٻه ارب رپيا هرجاڻو ادا ڪري. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيف الله ابڙو چيو ته لياقت جتوئي پاڻ نيب زده آهي، هُو ڪهڙي منهن سان مٿس الزام مڙهي رهيو آهي، هاڻي لياقت جتوئي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ئي ملاقات ٿيندي.

خيرپور شهر پٺاڻ حوالي، واهن ، شاخن، ڪئنالن ۽ ميدانن مان مٽي جي کوٽائي عروج تي پهتل

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *