Saturday , April 20 2024

خيرپور شهر پٺاڻ حوالي، واهن ، شاخن، ڪئنالن ۽ ميدانن مان مٽي جي کوٽائي عروج تي پهتل

Khairpur sindhsamaachar

 خيرپور ( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) خيرپور شهر سميت ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪي پي مان لڏپلاڻ ڪري آيل پٺاڻن جي آبادي وڌڻ لڳي، بلڊر مافيا ۽ آبپاشي کاتي جي ڪامورن شهر سميت مختلف علائقن ۾ 2000 جي لڳ ڀڳ سئو کان وڌيڪ ٽريڪٽر ٽرالين تي پٺاڻن کان مٽي کڻائڻ جا ٺيڪا ڏئي ڇڏيا. خيرپور شهر اندر آبپاشي کاتي جي مافيا، مقامي بااثر سياسي ماڻهن ۽ بلڊر مافيا بابت ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق خيرپور شهر سميت مختلف علائقن ۾ واهن شاخن، ڪئنالن ۽ واٽر/ڪَڙين مان مٽي ڪڍي وڪرو ڪرڻ جا ٺيڪا پٺاڻن جي حوالي ڪيا ويا آحن، جن کي شهر جي بلڊر مافيا ۽ آبپاشي کاتي جا عملدار تحفظ مهيا ڪري رهيا آهن.

خيرپور واسي هڪ آبادگار نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌ سماءَ چار کي ٻڌايو ته، بلاول پارڪ، سپريئر سائنس ڪاليج لطيف يونيورسٽي واري علائقي، سميت مختلف علائقن مان واهن، شاخن ۽ ڪڙين جي ڪپرن ۽ انهن جي اندران مٽي ڪڍي وڪرو ڪئي پئي وڃي.ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته خيرپور شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پٺاڻن کي آباد ڪرائڻ ۽ کين تحفظ مهيا ڪرڻ لاءِ اڳوڻي ايس ايس پي مسعود بنگش هڪ منصوبابندي تحت ڪي پي مان ايندڙ پٺاڻن کي آباد ڪرائي سهولتون به ڏياريون، مختلف وقتن تي پوليس ۾ به هنن جي مدد ڪري مسئلا حل ڪرائيندو آهي.

خيرپور شهر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ٻن هزارن جي لڳ ڀڳ ٽريڪٽر ٽراليون ڏينهن رات مٽي ڪڍي رهيا آهن، پر آبپاشي کاتي سميت مقامي انتظاميا به مٽي مافيا سان ٻِٽ بڻيل آهي. آبادگارن جو چوڻ آهي ته واهن، ڪئنالن، شاخن ۽ ڪڙين جي تري توڙي ڪپرن ۽ پاسن کان مٽي جي کڻڻ سان نه رڳو پاڻي جو زيان ٿئي ٿو پر ان سان زراعت کي به سخت نقصان پهچي رهيو آهي ۽ سم ڪلر پيدا ٿي رهيو آهي، جنهن سان آباد ۽ زرخيز زمينون به تبهاهه ٿي رهيو آهن، پر افوس آهي ته آبپاشي کاتو، مقامي انتظاميا ۽ پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي..سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق  نه رڳو خيرپور شهر پر ڪوٽڏيجي، گمبٽ، راڻيپور، ٺري ميرواهه، چونڊڪو سميت مختلف علائقن ۾ پٺاڻن جي اهڙي مافيا ڪم ڪري رهي آهي ( ان سلسلي ۾ آبپاشي کاتي جي واهن تي موجود ٽالهي جي وڻڻ جي واڍي بابت به چيو پيو وڃي ته ڪاٺ جو ڪاروبار ڪندڙ اها مافيا وڏي عرصي کان سرگرم آهي)

خيرپور ضلعي ۾ سرڪاري ملڪيتن تي قبضا، پ پ ۽ ف ليگ اڳواڻ هڪ ٿي ويا

 

خيرپور ضلعي ۾ آبپاشي کاتو بااثر سياستدانن ۽ ڪامورن جي جاگير بڻجي ويو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *