Saturday , April 27 2024

سينيٽ اليڪشن، ”شو آف هينڊ ووٽ“، آصف زرداري ۽ جهانگير ترين جو ڳٺجوڙ

ڪراچي( رپورٽ اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سينيٽ اليڪشن بابت آصف زرداري ۽ جهانگير ترين وچ ۾ معاملا طئي ٿيڻ بعد وزيراعظم عمران خان پريشان، اوپن ووٽنگ تي به زور انڪري ئي ڏنو پيو وڃي. سينيٽ جي اليڪشن شو آف هينڊ / اوپن ووٽ ذريعي ڪرائڻ واري معاملي بابت، ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، سينيٽ اليڪشن کان لڳ ڀڳ 6 مهينا پهريان اڳوڻي صدر آصف زرداري سينيٽ اليڪشن ۾ پنهنجو ڄار وڇائڻ شروع ڪري ڏنو هو، ان ئي ڪڙي جي سلسلي ۾ هن کنڊ اسيڪنڊل ۾ ڦاٿل وزيراعظم جي ويجهي دوست ۽ سندس حڪومتي جوڙجڪ لاءِ آزاد اميدوارن کي پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪرائڻ جي مک ڪردار جهانگير ترين پنجاب واسي پنهنجي هڪ ذاتي دوست معرفت رابطو ڪيو هو. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق جهانگير تري سڌين ڳالهين بدران ان به پنهنجي سنڌ واسي هڪ زميندار دوست معرفت ڳالهيون ڪيون، انهن ٻنهي جي هڪ هفتي دووران اسلام آباد ۾ لڳ ڀڳ هڪ درجن ملاقاتون ڪري پيغام آصف زرداري ۽ جهانگير ترين تائين پهچائيندا رهيا. ذريعن دعوي ڪئي آهي ته، ملاقاتن دوران سينيٽ اليڪشن ۾ آصف زرداري ۽ جهانگير ترين هڪٻئي سان سهڪار (ڪاروبار) ڪرڻ تي راضي ٿي ويا. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب آصف زرداري ن ليگ سان سينيٽ اليڪشن ۾ معاملا طئي ڪرڻ لاءِ نواز شريف سان فون ذريعي سڌيون ڳالهيون شروع ڪري پنجاب مان پنهنجا نامزد ڪيل سينيٽرز چونڊرائڻ لاءِ درخواست ڪئي ڇو ته جهانگير ترين سان ٿيل ڳالهين ۾ اهو طئي ٿيو، جهانگير ترين نه ن ليگ جي ماڻهن سان ڊيل ڪرڻ نه پيو چاهي، آصف زرداري جهانگير ترين کي يقين ڏياريو هو ته ن ليگ جي جن اميدوارن لاءِ هُو کيس چوندو انهن اميدوارن ۾ ڪجهه ن ليگ جا ئي اڳواڻ هوندا پر اُنهن سان سندس ذاتي دوستي ۽ ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اعتماد وارا هوندا، ڪجهه پ پ  جا اڳواڻ ئي اميدوار هوندا.

ذريعن موجب ذريعن موجب ” پي ٽي آءِ حڪومت سينيٽ اليڪشن ۾ ”شو آف هينڊ ووٽ“، تي زور انڪري ڏئي رهي آهي ته، اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم عمران خان جي ويجهي ساٿي جهانگير ترين وچ ۾ سينيٽ اليڪشن بابت معاملا ڪنهن حد تائين طئي ٿي ويا هئا، اُهو ئي ڪارڻ آهي جو وزيراعظم عمران خان سخت پريشان آهي، گذريل ٻن مهينن کان ڪوششن باوجود جهانگير ترين به سندس رابطي ۾ نه اچي رهيو آهي“.

جيڪڏهن آصف زرداري ۽ جهانگير ترين وچ ۾ اُهي سڀ معاملا ان ئي ڊيل تحت طئي ٿيا آهن ته، آصف زرداري ان جي عويض جهانگير ترين کي ڇا ڏيندو؟ واري سوال تي سنڌسماءَچار کي معلوم ٿيو آهي ته، گذريل سال ڊسمبر مهيني دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو آمريڪا وارو نجي دورو به ان ئي سلسلي ۾ هو، جنهن دوران مراد علي شاهه، ڪجهه اهم شخصتن سان ملاقاتون ڪيون هيون، ملاقاتن ۾ جهانگير ترين ۽ آصف زرداري وچ ۾ ٿيل طئي ٿيل معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، جنهن بابت وڏي وزير آصف زرداري کي به انهن شخصيتن جو پيغام پهچايو هو.

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *