Sunday , April 28 2024

عمران خان اقتدار ڇڏي هليو وڃي، ڪنهن جو پيءُ به منهنجو احتساب نه ٿو ڪري سگهي: مولانا فضل الرحمان

ڪراچي / ٺٽو (رپورٽر سنڌسماءَچار) پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عوام جي وٽن تي ڌاڙو هڻي ان کان حڪمران جو حق کسو ويو آهي، عمران خان کي چئون ٿا ته عوام جو ڦريل اقتدار ڇڏي هليو وڃي، نيب هجي يا ڪو ٻيو پر ڪنهن جي پيءُ ۾ به طاقت ناهي ته اُهو منهنجو احتساب ڪري سگهي، ڪراچي ۽ ٺٽي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته وزيراعظم کي چئون ٿا ته عوام جو ڦريل اقتدار ڇڏي هليو وڃي، اڄ حيدرآباد ۾ به سڄي ملڪ جيان سنڌ جو عوام نالائق ۽ ناجائز حڪمرانن کي رد ڪري ڇڏيندو، اسان جو ڪنهن به اداري يا شخص سان ڪو به جهيڙو ناهي، فضل الرحمان چيو ته اسان ته ايترو چاهيون ٿا ته عوام کان سندن حڪمراني جو کسيل حق واپس ڏيو، نااهل ۽ نالائق حڪمران اقتدار ڇڏي هليا وڃن، 26 فيبروري تي لانگ مارچ ٿيندو ۽ سڄي ملڪ مان پي ڊي ايم جا قافلا اسلام آباد طرف روانا ٿي ويندا، هاڻي اسلام آباد ۾ ويهنداسين ۽ اُتي ڌرڻو هڻنداسين ۽ خالي هٿين واپس نه موٽنداسين، ائين نه ٿيندو جو آياسين ويٺاسين ۽ هلياوسين پر اسان ڀرپور طاقت مظاهرو ڪنداسين.
پي ڊي ايم جي سربراهه جو چوڻ هو ته نيب سميت ڪنهن جو پيءُ به منهنجو احتساب نٿو ڪري سگهي، 1988ع کان پارليامينٽ ۾ آهيان، اڄ تائين اسلام آباد ۾ هڪ جهوپڙي به ناهيان ٺاهي سگهيو. اسان ادارن جي لاءِ هميشه ڍال بڻيل رهياسين، اسان کي ضرورت ناهي ته ڪنهن سان ڳجهيون ڳالهيون ڪيون، منهنجي يا پي ڊي ايم جي ڪنهن سان ڳجهي ڳالهه ٻولهه نه پئي ٿئي.

سينيٽ اليڪشن، ”شو آف هينڊ ووٽ“، آصف زرداري ۽ جهانگير ترين جو ڳٺجوڙ

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *