Saturday , May 4 2024

پاڪستان

سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ اسيمبلي، ايم ڊي اي، ڪي ڊي اي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ 17سالن دوران ڀرتين جو رڪارڊ گهرائي ورتو

ڪراچي (اصغرآزاد سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽي، ايم ڊي اي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ واٽر بورڊ ۾ گذريل 17 سالن دوران ٿيل ڀرتين جو سمورو رڪارڊ گهرائي ورتو آهي، چيف جسٽس احمد علي شيخ، ايم پي اي هاسٽل ۽ سنڌ اسيمبلي جي نئين عمارتن جي اڏاوت ۾ …

Read More »

ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال آئيڊيل ناهي، آپريشن لاءِ وفاقي سرڪاري پنهنجي حصي جي رقم نه ٿو ڏئي: سهيل انور سيال

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته، ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال ايڏي به بهتر/آئيڊيل ناهي، پر ماضي جي ڀيٽ ۾ ڪراچي ۾ امن امان واري صورتحال ڪافي بهتر ٿي آهي. وفاقي سرڪار واعدو ڪيو هو ته ته ڪراچي آپريشن …

Read More »

سنڌ جي سڌ سماءَ واري کاتي ۾ 5 ارب 77 ڪروڙ ڪرپشن، سموريون درخواستون گڏي ٻڌيون وينديون: هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ)  سنڌ هاءِ ڪورٽ، سڌ سماءَ کاتي ۾ 5 ارب 77 ڪروڙ رپيا ڪرپشن واري معاملي ۾ سموريون درخواستون گڏائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نيب ريفرنس ۾ نامزد سڌ سماءَ جي اڳوڻي سيڪريٽري ذوالفقار شالواڻي، سارنگ چانڊيو، گلزار ۽ ٻين جي ضمانت واري …

Read More »

5ارب 77 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ ۾ گرفتار شرجيل ميمڻ جي بيماري جاچڻ لاءِ احتساب عدالت ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار)احتساب عدالت 5 ارب 77 ڪروڙ رپين جي ڪرپش ڪيس ۾ گرفتار ٿيل، اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي علاج جي سهولت ڏيارڻ بابت داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران درخواستگذار کي به عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت شرجيل ميمڻ جي بيماري واري معاملي تي …

Read More »

سنڌ اسيمبلي جي اڱڻ تي عيدميلادالنبي جي تقريب، حسين شاهه قمبر وارو خصوصي طور شريڪ

ڪراچي( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي اڱڻ تي عيدميلادالنبي ﷺ جي سلسلي ۾ تقريب ٿي، جنهن ۾ پهريون ڀيرو پير سيد غلام حسين شاهه نقشبندي (قمبر وارو سائين) خصوصي طور تي شريڪ ٿيو. تقريب کي خطاب ڪندي پير سيد غلام حسين شاهه نقشبندي خاص خطاب ڪندي چيو …

Read More »

سپريم ڪورٽ حديبيه پيپرملز ڪيس بابت ٽي وي ٽاڪ شوز تي پابندي هڻي ڇڏي

اسلام آباد( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ حديبيا ريفرنسز ڪيس بابت ٽاڪ شوز تي پابندي لڳائي ڇڏي، جسٽس مشير عالم ريماڪس ڏيندي چيو رڳو رپورٽنگ جي اجازت هوندي، ٽاڪ شوز ۾ ڪنهن به ميرٽ تي ڳالهه نٿي ٿي سگهي. جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ جسٽس قاضي فائز …

Read More »

احتجاج ڪندڙ آبادگارن خلاف طاقت جو ٿورو استعمال ڪيو: گهرو وزير سهيل انور سيال

ڪراچي ( اصغر آزاد   سنڌ سماءَ چار ) سنڌ جي گهرو ۽ زراعت کاتي جي صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته حڪومت بلاول هائوس ويجهو احتجاج ڪندڙ ڪمند جي آبادگارن خلاف طاقت جو ٿورڙو استعمال ڪيو، احتجاج ڪندڙ آبادگارن جو ننڍو گروپ هو جنهن جي اڳواڻي پي ٽي …

Read More »

ڪمند جا آبادگار رستن تي، بلاول هائوس آڏو ڌرڻو،سيڪيورٽي سخت

ڪراچي( اصغر آزاد   سنڌ سماءَ چار) ڪمند جو سرڪاري اگهه نه ملڻ ۽ اڪثر شگرملز چالو نه ٿيڻ خلاف آبادگارن پاران بلاول هائوس آڏو ڌرڻو هنيو پيو وڃي، حيدر آباد، ٽنڊو الهيار ۽ بدين سميت مختلف شهرن مان آبادگارن ۽ هاري پهچڻ جو به سلسلو جاري آهي. سنڌ جي ڪمند …

Read More »

سنڌ جي ماڻهن جڏهن گڏيل فهم جي بنياد تي ووٽ ڪيو ته پوءِ دما دم مست قلندر ٿي ويندو: علي قاضي

حيدر آباد( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ)  تبديلي پسند پارٽي جي سرواڻ علي قاضي چيو آهي ته 6 مهينن کانپوءِ پولنگ اسٽيشنز تي عوامي عدالتون لڳڻيون آهن، سنڌ جي ماڻهن کي ڌرتيءَ جي خوشحالي لاءِ ووٽ ڏئي پنهنجو پاڻ ۽ ايندڙ نسلن سان انصاف ڪرڻ گهرجي، سنڌ جي ماڻهن جڏهن …

Read More »

انساني حقن جو عالمي ڏينهن، لاڙڪاڻي ۾ گم ٿي ويل ماڻهن جي وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار ) سڄي دنيا سميت پاڪستان ۾ به انساني حقن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، ڪراچي، حيدر آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو سميت انساني حقن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ريليون ڪڍيون ويون. لاڙڪاڻي ۾ انساني حقن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي …

Read More »