Saturday , May 18 2024

پاڪستان

فيض گنج: پي ايس 31 جو ايم پي اي ۽ بارداڻي جو ايڊوانس پر عوامي مسئلن کان پري

ڊاڪٽررفيق ٻانڀڻ-ايم پي اي پي ايس 31 خيرپور ضلعي جي صوبائي تڪ پي ايس 31 تان چونڊيل فنڪشنل ليگ جو ايم پي اي ڊاڪٽررفيق ٻانڀڻ به گذريل ساڍن چئن سالن دوران تڪ جي عوام ۽ سندن مسئلن کان پري بيٺل رهيو آهي. آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ، ڪڻڪ جي بارداڻي …

Read More »

فيض گنج: اين اي 216 ۽ پي ايس 31 تان چونڊجڻ بعد گم ٿي ويل نمائندا ساڍن چئن سالن کانپوءِ ظاهر ٿيڻ لڳا

خيرپور ضلعي جي فيض گنج تعلقي جي قومي اسيمبلي  جي تڪ اين اي 216 ۽ صوبائي تڪ پي ايس 31 تان 2013 جي چونڊن ۾ چونڊجي آيل فنڪشنل مسلم ليگ جو ايم اين اي ۽ وفاقي وزير اوورسيز پاڪستانيز سيد صدرالدين شاهه راشدي ۽ ايم پي اي رفيق ٻانڀڻ ساڍن …

Read More »

جي يو آءِ حيدرآباد جو اڳواڻ انصارالشريعه سان واسطيداري جي الزام هيٺ گرفتار

قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪراچي، حيدر آباد، ملتان ۽ پشين سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪاررواين دوران دهشتگرد تنظيم انصارالشريعه سان واسطو رکندڙ 4 کان وڌيڪ دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار ڪيلن جي قبضي مان، ليپ ٽاپس، ڪمپيوٽرز ۽ ٻيو مواد به هٿ ڪيو ويو آهي. جن …

Read More »

گهوٽڪي: پنجاب مان سنڌ شڪار لاءِ آيل 4 ڄڻا اغوا

گهوٽڪي(زوهيب ڪمال پٺاڻ) پنجاب مان گهوٽڪي ضلعي جي ڪچي واري علائقي ۾ تِتِرَن جو شڪار ڪرڻ لاءِ آيل چئن ڄڻن کي هٿياربند اغوا ڪري ويا آهن. پوليس اڃا تائين ڪيس به داخل ناهي ڪيو. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب شڪار لاءِ آيل چئني ڄڻن لاڳاپيل اختيارين کان ڪا به اجازت …

Read More »

روهينگا پناهگيرن کي سنڌ ۾ رهائڻ جو فيصلو وفاق ڪري سگهي ٿو:سعيد غني

پاڪستان پيپلز پارٽي پاران روهينگا پناهگيرن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ بابت معاملي وفاقي حڪومت جي مرضيءَ تي ڇڏي  ڏنو آهي. پيپلز پارٽي جي ڪراچي صوبائي تڪ 114 تان ننڍي چونڊ ۾ ڪامياب ٿيل ايم پي اي ۽ اڳوڻي سينيٽر سعيد غني ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته، …

Read More »

آءِ جي سنڌ بدلي ڪيس:پوليس آرڊر2002 کي ٻيهر سنڌ ۾ لاڳو ڪرڻ جا خواهشمند ناڪام ٿيا آهن:ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ

ڪراچي(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ بئريسٽر ضم،ير گهمرو چيو آهي ته، آءِ جي سنڌ جي بدلي واري معاملي کي عدالت ۾ کڻي وڃڻ کانپوءِ سنڌ ۾ ٻيهر پوليس آرڊر 2002 لاڳو ڪرائڻ جي خواهشمند ڌرين کي ناڪامي نصيب ٿي آهي. سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل بئريسٽر ضمير گهمرو چيو آهي …

Read More »

آءِ جي سنڌ بدلي فيصلو: عدالت پوليس ايڪٽ 1861ع کي لاڳو ڪرڻ بابت قانون سازي کي جائز قرار ڏنو:ڪرامت علي/فيصل صديقي

غير سرڪاري سماجي تنظيم جي اڳواڻ ڪرامت علي ۽ سندس وڪيل فيصل صديقي چيو آهي ته، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جي بدلي خلاف سندن درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي ٻڌايل فيصلي ۾، وليس ايڪٽ 1861ع کي لاڳو ڪرڻ بابت قانون سازي کي جائز قرار ڏنو  آهي. عدالت …

Read More »

سنڌ اسيمبلي پاران پوليس آرڊر2002 ختم ڪرڻ ۽1861وارو پوليس نظام بحال ڪرڻ بابت پوليس ايڪٽ 2011 آئين مطابق آهي:سنڌ هاءِڪورٽ

ڪراچي(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي سندس عهدي تان هٽائڻ وارو سنڌ سرڪار جو حڪم ختم/ڪالعدم قرار ڏيندي چيو آهي ته آءِ جي کي غيرقانوني طور عهدي تان هٽايو، سنڌ حڪومت آءِ جي سنڌ کي، سنڌ اسيمبلي پاران پوليس آرڊر 2002 کي ختم …

Read More »

بينظيرڀٽو قتل ڪيس جي فيصلي خلاف آصف زرداري خلاف اپيل ڪندو: سردار لطيف کوسا

پاڪستان پيپلز پارٽي جي شهيد چيئرپرسن ۽ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. بلاول هائوس ڪراچي ۾ آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ يوسف رضا گيلاني، لطيف …

Read More »

اي ڊي خواجا ئي آءِ جي سنڌ رهندو،ٻن مهينن دوران پوليس آفيسرز جون بدليون ۽ مقرريون رد

سنڌ هاءِ ڪورٽ انسپيڪٽر جنرل سنڌ پوليس الهه ڏنو خواجا جي بدلي وارو حڪم رد ڪندي گذريل ٻن مهينن دوران پوليس آفيسرز جون ڪيل سموريون مقرريون ۽ بدليون رد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ اي ڊي خواجا کي آءِ جي سنڌ جي عهدي تي برقرار رکڻ …

Read More »