Monday , May 6 2024

پاڪستان

بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي سنڌ سرڪار پاران دعوت اسلامي لاءِ 150 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دعوت اسلامي کي ڪراچي ۾ ڏيڍ سئو ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آحي، وڏي وزير اهڙي منظوري پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خصوصي هدايتن تي ڏني آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، …

Read More »

نياڻي صائمه جروار جا قاتل وڏي وزير، گهرو وزير ۽ سنڌ پوليس کان زور ٿي ويا..!!؟؟؟

لاڙڪاڻو ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي ۾ اغوا بعد قتل ڪيل صائمه  جروار  واري ڪيس جا جوابدار اڃان تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، جڏهن ته مختلف ڌرين جوابدارن جي گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرن جو سلسلو به جاري آهي. حيدري ٿاڻي جي حد ۾3 ڏينهن اڳ  اغوا بعد قتل …

Read More »

عمر ڪوٽ جا بااثر سنڌ پوليس کان به زور،نينگري اميشا خاصخيلي بازياب نه ٿي

عمر ڪوٽ (  سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) عمرڪوٽ پوليس جي تحويل مان گم ٿيل نينگري اميشا خاصخيلي جو معاملو اڃا تائين ڳُجهارت بڻيل آهي، علائقي ۾ چئوٻول آهن ته پوليس، نينگريءَ جي بازيابي لاءِ بااثر ڌرين کان مدد ورتي آهي، ايس ايس پي عمر ڪوٽ عثمان اعجاز باجوه جو چوڻ آهي …

Read More »

اسپيڪر آغا سراج دراني پي ٽي آءِ ميمبر خرم شير زمان کي وري پيئڻ جي صاف پاڻي تي ڳالهائڻ نه ڏنو،ذهني مريض قرار

آغا سراج دراني-فائل فوٽو       خرم شيرزمان – فائل فوٽو ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران هڪ ڀيرو ٻيهر پيئڻ جي صاف پاڻي مهيا نه ٿيڻ واري معاملي تي ڳالهائڻ تان، اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ پي ٽي آءِ ايم پي  اي خرم شير زمان وچ ۾ …

Read More »

تبديلي پسندن جو قافلو ڀوتارن کي لوڙهي ڇڏيندو: علي قاضي

گهوٽڪي ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) تبديلي پسند پارٽي جي سرواڻ علي قاضي چيو آهي ته جڏهن سنڌ جا لکين ماڻهو گڏجي هڪ فيصلو ڪندا ته ماڻهن جي ان ٻوڏ ۾ ڀوتارڪا بند ٽٽي پوندا، 3 مهينن کان پوءِ ٿيندڙ اليڪشن ۾ ووٽ پنهنجي ٻچن جي مستقبل ۽ سنڌ ماءُ لاءِ ڏيڻ …

Read More »

وفاقي بجيٽ ۾ صرف ڪراچي ڊويزن لاءِ خصوصي پيڪيج جو اعلان

اسلام آباد( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت بجيٽ سنڌ ۾ رڳو هڪ ڪراچي ڊويزن لاءِ خصوصي پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو آحي، جنهن لاءِ چيو پيو وڃي ته، 25 ارب رپين جو پيڪيج ن ليگ پاران ايم ڪيو ايم پاڪستان سان ڪيل وعدي مطابق ڏنو ويو آهي.  وفاقي سرڪار پاران …

Read More »

نئين مالي سال جي بجيٽ پيش، ترقياتي فنڊز ۾ گهٽتائي، دفاعي بجيٽ ۾ واڌ، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ به معمولي واڌ

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار) نواز ليگ جي وفاقي حڪومت مالي سال 19-2018 جي بجيٽ پيش ڪندي پبڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ جي فنڊز ۾ گهٽتائين ڪندي، دفاعي شعبي جي بجيٽ ۾ واڌ ڪندي 11 کرب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جيڪا مالي سال 18-2017 جي ڀيٽ ۾ 19 ڏهائي 5 …

Read More »

پيپلز پارٽي خواجا آصف جي نااهل ٿيڻ تي خوش ناهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه آئين جي آرٽيڪلز 62 ۽ 63 کي ڪارو قانون ڪرار ڏيندي چيو آهي ته، مون سميت ڪير به حقيقي سياست ڪندڙ خواجا آصف جي نااهلي مان خوش نه آهن. صحافين …

Read More »

هلندڙ مالي سال دوران مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي:وفاقي سرڪار جي دعويٰ

اسلام آباد(سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي سرڪار مالي سال 2017-18 جي اقتصادي جائزا رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن تحت مهانگائي جي شرح گذيل 13 سالن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي. اسلام آباد ۾ وفاقي وزير احسن اقبال ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار مفتاح اسماعيل گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي اقتصادي جائزا …

Read More »

راحيلا مگسي سرڪاري زمين جا 74 ايڪڙ ڌيءُ جي نالي ڪرڻ واري ڪيس ۾ ضمانت ۾ واڌ

ڪراچي ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪاري زمين پٽ ۽ ڌي جي نالي منتقل ڪرڻ خلاف ڪيس ۾ نون ليگ سينيٽر راحيله مگسي جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي مئي جي آخري هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، اينٽي ڪرپشن اختيارين چيو ته سينيٽر راحيله مگسي ضلعي ناظمه واري …

Read More »