Sunday , May 19 2024

پاڪستان

فيصل آباد ۾ ن ليگ اڳواڻ جو عورت تي بي رحماڻو تشدد

فيصل آباد(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ)  فيصل آباد ۾ بااثر ماڻهن پاران هڪ گهر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت ڪرڻ تي هڪ جوابدار عورت تي وحشياڻو تشدد ڪيو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. فيصل آباد ۾ بااثر جوابدارن هڪ گهر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش …

Read More »

نيب سنڌ ۾ اڪثر وزيرن ۽ ايم پي ايز خلاف ڪرپشن جي جاچ بند ڪري ڇڏي

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) نيب سنڌ حڪومت جي موجودهه ، اڳوڻن وزيرن ۽ ايم پي ايز خلاف اربين رپين جي ڪرپشن جا فائل بند ڪري ڇڏيا آهن، نيب جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ثبوت نه هجڻ سبب ڪجهه وزيرن جي خلاف ڪيس ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نيب ذريعن …

Read More »

سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ ڪرپشن، پلي بارگين لاءِ مهلت

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ڪرپشن ڪيس ۾ نيب کي پلي بارگين بابت جواب داخل ڪرڻ لاءِ ٽن هفتن جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي 2 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾  ڪرپشن ڪيس …

Read More »

وفاقي حڪومت ننڍن صوبن جي ڳالهه نه پئي ٻڌي: خورشيد شاهه

اسلام آباد(رپورٽر  سنڌسماءَچار) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته، وفاقي سرڪار ننڍن صوبن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهي، جيڪڏهن اهڙي روش تبديل نه ٿي ته تباهي ايندي. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران خطاب ڪندي  خورشيد شاهه چيو ته، سمجهه ۾ نه …

Read More »

عمرڪوٽ ٿاڻي تان گم ٿي ويل نياڻي اميشا ڊرامائي انداز ۾ هٿ اچي وئي

حيدر آباد/عمرڪوٽ( رپورٽرز   سنڌسماءَچار) عمرڪوٽ پوليس جي تحويل مان گم ٿي ويل نينگري اميشا خاصخيلي ڊرامائي انداز ۾ حيدرآباد مان هٿ اچڻ کانپوءِ اباڻي شهر عمرڪوٽ پهچي وئي، رٽائرڊ پوليس عملدار محرم بلوچ ۽ سندس گهرواريءَ رضيا نينگريءَ کي پڃاري ٿاڻي تي پهچايو، جڏهن ته حيدرآباد جي وومين پوليس اميشا …

Read More »

پوليس اميشا جي وارثن کي ساڻس ملاقات لاءِ سڄو ڏينهن رلائيندي رهي

اميشا خاصخيلي – فائل فوٽو عمرڪوٽ ( رپورٽر سنڌسماءَچار) حيدر آباد ويجهو ڊرامائي انداز ۾ هٿ آيل نينگري اميشا سان وارثن کي ملاقات ڪرائڻ لاءِ ميرپورخاص کان حيدر آباد ۽ واپس عمر ڪوٽ تائين رلائيندي رهي ۽ نيٺ رات جو 11 هين وڳين کانپوءِ سندس امڙ ۽ ٻين وارثن سان …

Read More »

مون کي عمر ڪوٽ وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او جوابدارن حوالي ڪيو: اميشا خاصخيلي

عمر ڪوٽ ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) حيدر آباد مان ٻن هفتن کانپوءِ هٿ آيل نينگري اميشا خاصخيلي چيو آهي ته، مون کي وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او خوش بخت آرائين جوابدارن فيض پلي ۽ سيف الله آرائين جي حوالي ڪيو. اميشا عمرڪوٽ ٿاڻي تي وارثن سان ملاقات دوران ميڊيا سان …

Read More »

عورتن خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ تي قومي اسيمبلي ۾ راڻا ثناءُ الله خلاف ٺهراءَ منظور

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار) قومي اسيمبلي عورتن خلاف غلط ٻولي استعمال ڪرڻ تي وفاقي وزيرن خلاف گڏيل طور مذمتي ٺهراءُ منظور ڪري ورتو،  اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته عورت ماءُ ۽ ڀيڻ به هوندي آهي، اسان هميشه عورتن جو احترام ڪريون ٿا، جيڪو عورتن جو احترام نٿو ڪري ان …

Read More »

لاڙڪاڻي ۾ لاڏائو فقيرن جو سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو

لاڙڪاڻو( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) لاڙڪاڻي ويجهو لاڏائو فقيرن جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، متاثر ڌر جو چوڻ آهي ته هٿياربند سندن ٻن نارين کي به اغوا ڪري ويا آهن. ڳوٺ وڏا …

Read More »

اميشا خاصخيلي جي اغوا واري الزام هيٺ آيل ڌر پاران انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻائڻ جو الزام

عمر ڪوٽ ( رپورٽر سنڌسماءَچار) عمرڪوٽ پوليس تحويل مان پراسرار نموني گم ٿيل اميشا خاصخيلي ڊرامائي انداز ۾ هٿ اچڻ بعد الزام هيٺ آيل گرفتار ٿيل سيف الله ۽ فيض پلي جي وارثن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان جي نوجوانن کي بيگناهه گرفتار ڪيو ويو آهي. اميشا خاصخيلي …

Read More »