Thursday , May 9 2024

پاڪستان

”صدارتي چونڊن ۾ پ پ جو اميدوار اعتزاز احسن ئي هوندو“

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي صدر لاءِ پنهنجي اميدوار اعتزاز احسن کي هٿ نه کڻائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، پ پ قيادت فيصلو ڪري ورتو آهي ته، ڪو حمايت ڪري يا نه ڪري پر هُو پنهنجو اميداور ميدان ۾ لاهيندا. …

Read More »

گستاخ خاڪن جو معاملو يورپي ملڪن جي عوام کي سمجهائڻو پوندو: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) سينيٽ هالينڊ ۾ گستاخ خاڪن واري معاملي خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته مسلمان سڀني مذهبن جو احترام ڪن ٿا پر اهو ڇا ڪارڻ آهي جو يورپي ملڪن جا اڪثر ماڻهو اسلام ۽ اسان جي نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ …

Read More »

ايف آءِ اي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کان ڪو به سوال نه ڪيو: قمرالزمان ڪائرا / چوڌري منظور

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي پيشي بابت خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آھي. قمرالزمان ڪائرا ۽ چوڌري منظور پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، ايف آءِ اي ۾ پيشي دوران آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کان ڪي به …

Read More »

مني لانڊرنگ ڪيس، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ايف آءِ اي آڏوپيشي، ڪيترن ئي سوالن جا جواب نه ڏئي سگهيا

اسلام آباد( رپورٽر  سنڌسماءَچار) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نيٺ اڳوڻو صدر ۽ پ پ پ جو شريڪ چيئرمين آصف زرداري ايف آءِ اي آڏو پيش ٿي بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو آهي، آصف زرداري چيو آهي ته، ” ڪير ٿو چئي ته هي ڪيس مونکي دٻائڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي؟“. سمٽ …

Read More »

صدارتي چونڊ، مخالف ڌر کي گڏ رکڻ جي آخرتائين ڪوشش ڪنداسين: احسن اقبال

اسلام آباد( سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) ن ليگ جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته، غلطيون اسان کان به ٿيو آهن پر سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته پ پ پ ڪهڙي قسم جي سياست ڪري رهي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته مخالف ڌر کي گڏ رکڻ لاءِ آخر تائين …

Read More »

سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻي پ پ کان کسجي وئي

اسلام آباد ( رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ وچ ۾ تڪرار پ پ کي ناڪامي تي ناڪامي جي طرف ڌڪيندو رهي ٿو، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي سيٽ کسجڻ کانپوءِ سينيٽ مان به اپوزيشن ليڊر واري سيٽ واپس ورتي وئي آهي. نون ليگ سينيٽ …

Read More »

جيالو حاجي مظفر شجراع ۽ عبدالقادر بلوچ به پي ٽي آءِ جاکلاڙي ٿي ويا

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ، اڳوڻو صوبائي وزير حاجي مظفر شجراع ۽ پ پ ملير جو جنرل سيڪريٽري قادر بخش بلوچ پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي ويا آهن، پ پ ترجمان اسلام آٻاد مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته، حاجي مظفر شجراع کي …

Read More »

صدارتي چونڊ، مخالف ڌر ورهايل، ن ليگ جو اعتزاز احسن جي حمايت کان کتو جواب

اسلام آباد ( رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) صدارتي چونڊ لاءِ مخالف ڌر ورهايل، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ هوڏ تي قائم، مخالف ڌر جي تڪرار مان پي ٽي آءِ ڀرپور فائدو وٺڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن، پ پ آصف زرداري جي چوڻ تي نامزد اميدوار اعتزاز احسن جي …

Read More »

وزيراعظم پاران ڪيڊ سميت 3 وفاقي وزارتون ختم ڪرڻ جو امڪان

اسلام آباد( رپورٽر  سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران وفاقي ڪابينا جو تڪڙُ اجلاس سڏائي ورتو آهي، اڄ جمعي ڏينهن شام جو ٿيندڙ اجلاس ۾ وفاقي ڪيڊ وزارت کي ختم ڪرڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ڪيڊ ختم ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي منظور …

Read More »

اسٽيل ملز ۽ پي آءِ اي مان هڪ به ملازم کي بيروزگار نه ڪنداسين:ناڻي وارو وزير اسد عمر

اسلام آباد (رپورٽر   سنڌسماءَچار) ناڻي واري وزير اسد عمر پاڪستان اسٽيل ملز ۽ پي آءِ اي مان ملازمن کي نه ڪڍڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسٽيل ملز جي تباهي ۾ ملازمن جو نه پر ماضي جي حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ بدانتظامي سبب ٿي آهي، بدانتظامي ۾ به حڪمران …

Read More »