Sunday , May 12 2024

پاڪستان

شرجيل ميمڻ ڊاڪٽر عاصم حسين کي ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو

ڪراچي (چيف رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) شرجيل ميمڻ جي ڪمري تي چيف جسٽس جي ڇاپي کانپوءِ شرجيل ميمڻ ضياءَ اللدين اسپتال جي مالڪ ڊاڪٽر عاصم لاءِ نئون ڏچو پيدا ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، شرجيل ميمڻ جي اسپتال ۾ سرگرمين عاصم حسين لاءِ پريشانين ۾ اضافو ڪري …

Read More »

چيف جسٽس جو ضياءَ الدين اسپتال ۾ شرجيل ميمڻ جي ڪمري تي ڇاپو،شراب جون بوتلون هٿ

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار ڇنڇر ڏينهن صبح جو سوير خانگي اسپتال ضياءُ الدين اسپتال پهچي ويو، اڳوڻي صوبائي وزير ۽ موجوده پ پ پ ايم پي اي شرجيل ميمڻ جي ڪمري تي ڇاپو هنيو، چيف جسٽس جي جي پهچڻ تي ڪمري ۾ شراب …

Read More »

مورو جي جمالي ٽائون جا رهواسي بنيادي سهولتن کان وانجهيل، بلڊر گم

مورو (رپورٽ: انس ٻرڙو   سنڌسماءَچار)  مورو ۾ بلڊر پاران قائم ڪيل جمالي ٽائون جا رهواسي 8 سالن کان گئس سميت بنيادي سهولتن کان وانجهيل، رهواسين جو چوڻ آهي ته بلڊر ۽ سوسائٽي جي مارڪيٽنگ ڪمپني ڪندڙ ڪمپني سکڻا آسرا ڌئي رهيا آهن پر عملي قدم کڻڻ لاءِ ڪو تيار ئي …

Read More »

مختلف شهرن ۾ روڊ حادثا، 4 ڄڻا فوت، 9 ڄڻا ڦٽجي پيا

ڪراچي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 9 ڄڻا  زخمي پيا آهن. جاتي ويجهو ڳوٺ سير ڳنڍو جي بس اسٽاپ وٽ تيز رفتار رڪشا جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ نوجوان شهباز ابڙو ۽ عرس …

Read More »

مني لانڊرنگ ڪيس، آصف زرداري جي ٻن هفتن لاءِ عارضي ضمانت منظور

ڪراچي(رپورٽر    سنڌسماءَچار) اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ عارضي ضمانت منظور ڪئي وئي. آصف زرداري ڪراچي جي بئڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، جتي عدالت 20 لک رپين جي عيوض سندس عبوري ضمانت منظور ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران آصف زرداريءَ جي وڪيل …

Read More »

بالي ووڊ اداڪاره سونهن راڻي جوهي چاولا ڪراچي پهچي وئي

ڪراچي( سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا جوهي چاولا ڪراچي جي دوري تي پهتل آهي. جوهي چاولا ڪراچي جو دورو ڪري رهي آهي ۽ هن پاڪستاني فلم جواني ڦر نهين آني ڏٺي. اداڪارا جوهي چاولا سوشل ميڊيا تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ پنهنجن چاهيندڙن کي ٻڌايو ته هوءَ سنڌ …

Read More »

اليڪشن ڪميشن آر ٽي ايس سسٽم ۾ خرابي نه پر بنا جواز جي روڪيو: اعظم سواتي / فواد چوڌري

اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعظم سواتي چيو آهي ته چونڊن واري ڏينهن آر ٽي ايس سسٽم کي بناجواز روڪيو ويو، جنهن جي جاچ ڪئي ويندي، شفاف جاچ لاءِ نادرا چيئرمين کي پنهنجي عهدي تان هٽايو وڃي، فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم پنهنجو عهدو سنڀالڻ …

Read More »

وفاقي حڪومت جو پهريون فيصلو، پيٽرول پوڻان 2 رپيا ۽ ڊيزل سوا 6 رپيا سستو ٿي ويو

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار) وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جا اگهه گهٽائي ڇڏيا، پيٽرول جو نئون اگهه 92 رپيا 83 پئسا ٿي ويو آهي. ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏني وئي آهي.  وفاقي سرڪار پاران پيٽرول …

Read More »

ميرپورماٿيلو، پنوعاقل ۽ ڀان سيد آباد مان 7 نوجوان پراسرار نموني گم، وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو

گهوٽڪي( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) پنوعاقل، ڀان سيد آباد ۽ ميرپور ماٿيلو مان 7 نوجوان پر اسرار نموني گم ٿي ويا آهن، گم ٿي ويل نوجوانن جي وارثن سندن اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي. پنو عاقل جي فوجي پاڙي جو نوجوان مظفر منگي ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم. وارثن جو …

Read More »

ڄامشورو ويجهو ٽرڪ جو ويگن ۽ ڪار کي ٽڪر، ملير واسي 9 ڄڻا فوت

ڄامشورو (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ڄامشورو ويجهو ٽرڪ جو ڪار ۽ ويگن کي ٽڪر جي نتيجي ۾ ملير واسي 9 ڄڻا فوت ۽ 4 ڄڻا ڦٽجي پيا. پيٽارو ٽول پلازا ڀرسان ٽرڪ سيوهڻ کان ڪراچي ويندڙ قلندر شهباز جي پانڌيئڙن جي وين سان ٽڪرائجي وئي. ڀوائتي حادثي جي نتيجي ۾ 9ڄڻا …

Read More »