Thursday , May 2 2024

سنڌ

پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪرونا ۾ مبتلا، گهر ۾ آئسوليٽ

بلاول ڀٽو زرداري جو پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو ڪرونا ۾ مبتلا ٿي ويو، گهر اندر ئي پاڻ کي آئسوليٽ  ڪري ڇڏيو ڪراچي( چيف رپورٽر    سنڌسماءَچار) پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ بعد گهر ۾ ئي آئسوليٽ ٿي ويو آهي، بلاول هائوس جي ترجمان چيو آهي …

Read More »

ليڪچرارن کي ٽائيم اسڪيل ڏيو ٿا؟ يا وڏي وزير کي توهين عدالت جو نوٽيس ڏيون؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي 10 هزار کان وڌيڪ ليڪچرارن کي 10 ڏينهن اندر ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جو حڪم ڏيندي، ڪاوڙ  جو اظهار ڪندي چيو ته، ليڪچرارن کي ٽائيم اسڪيل ڏيو يا اوهان چاهيو ٿا ته وڏي وزير کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيون؟ …

Read More »

ڪرونا جي روڪٿام لاءِ سنڌ ۾ نيون ايس او پيز لاڳو، بازارون شام 6 وڳي بند

ڪراچي(چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت ڪرونا جي تيزي سان پکيڙ روڪڻ لاءِ نيون ايس او پيز لاڳو ڪيون ويون آهن، سموريون بازارون، شام 6 وڳي بند  ڪيون وينديون، شادي هالز/ چار ديواري اندر وهانءَ جي تقريبن تي پابندي، کليل ميدانن ۾ شادي ۽ ٻين تقريبن ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهو …

Read More »

ڪرونا جي وبا،هڪ مهيني لاءِ تعليمي ادارا بند، سمورا امتحان به ملتوي

24نومبر کان 11 جنوري تائين رٿيل سمورا امتحان ملتوي، انٽري ٽيسٽ جا سمورا امتحان شيڊيول مطابق ايس او پيز تحت ٿيندا تعليمي ادارا بند هجڻ دوران ٻارڙن کي شاپنگ مالز، تفريحي ماڳن ۽ پارڪس سميت ڪنهن به عوامي هنڌن تي وٺي وڃڻ جي اجازت نه هوندي اسلام آباد (خاص نمائندو    …

Read More »

حيدرآباد ۾ 130 ماڻهو ڪرونا جي وبا ۾ مبتلا، سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

حيدرآباد جي اڌو واهه روڊ، نسيم نگر، سٽيزن ڪالوني، ڏيپلائي ڪالوني، ڀٽائي نگر ۽ ڀٽائي ٽائون سميت مختلف علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو حيدرآباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر ۽ ڪاروباري مرڪز حيدرآباد ۾ ڪرونا جي وبا تيزي سان وڌڻ لڳي، گذريل 24 ڪلاڪن …

Read More »

پاڪستان ڪرونا وائرس جي نشاني تي، سنڌ ۾ صورتحال انتهائي خطرناڪ

ڪراچي( چيف رپورٽر    سنڌسماءَچار) پاڪستان ۾ تيزي سان ٻيهر پکڙيل ڪرونا وائرس جي وبا خطرناڪ حد تائين تيزي سان وڌڻ لڳي، هڪ ڏينهن ۾ 59 مريض موت جو کاڄ بڻجي ويا، ملڪ اندر 24ڪلاڪن دوران وڌيڪ 2 هزار 661 ماڻهو وبا ۾ وٺي ويا، سنڌ ۾ هڪ هزار 199 نوان …

Read More »

پ پ ايم پي اي ڄام مدد علي ڪرونا وگهي حياتي وڃائي ويٺو

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) ملڪ سميت سنڌ ۾ ڪرونا جي وبا تي ضابطو نه آيو، پيپلزپارٽي جو ايم پي اي ڄام مدد علي ڪرونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو، ڄام مدد علي گذريل ڪجهه هفتن ڪرونا وگهي ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جتي اڄ دم ڌڻي حوالي …

Read More »

سنڌ ۾ هڪ وڌيڪ ڪينٽونمينٽ قائم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ هڪ وڌيڪ ڪينٽونمينٽ بورڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو، پي اي ايف شهباز جيڪب آباد جي ڏيڍ لک جي آبادي وارو علائقو ڪنٽونمينٽ قرار ڏيڻ لاءِ سنڌ ڪابينا جون هنگامي اجلاس ڇنڇر تي طلب. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جيڪب ۾ …

Read More »

ڪرونا جي روڪٿام لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام، وڌيڪ 34 ڄڻا فوت، 810 نوان ڪيس رپورٽ

سنڌ ۾ ڪرونا ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ڪرونا جي وبا وڌيڪ تيزي سان پکڙجڻ لڳي، حڪومت ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ۾ به ناڪام ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) عالمي وبائي مرض ڪرونا پاڪستان ۾ انتهائي خطرناڪ صورتحال، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 34 ڄڻا اجل جو شڪار بڻجي ويا آهن، …

Read More »

آءِ جي سنڌ مشتاق مهر جي شڪي اغوا وارو معاملو؛ آءِ ايس آءِ ۽ سنڌ رينجرز جي لاڳاپيل عملدارن کي عهدن تان هٽايو ويو

آءِ جي سنڌ جي شڪايت بابت آرمي چيف جي حڪم تي ڪورٽ آف انڪوائري مڪمل،ڪورٽ آف انڪوائري جي سفارشن تي آءِ ايس آءِ ۽ سنڌ رينجرز جي لاڳاپيل آفيسرز کان ذميواريون واپس راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ     سنڌسماءَچار) آءِ جي سنڌ جي شڪايت بابت آرمي چيف جي حڪم تي ڪورٽ آف …

Read More »