Saturday , May 11 2024

سنڌ

نئون ديرو مان گم ٿي ويل ڀاءُ ڀيڻ جو ڏس پتو نه پيو، جيجل امڙ کي بيهوشي جا دورا

لاڙڪاڻو/نئون ديرو( رپورٽرز     سنڌسماءَچار) نئون ديرو ۾کير وٺڻ لاءِ گهران نڪرڻ بعد پراسرار طور گم ٿيل نينگري ۽ سندس اڍائي سالن جي ڀاءُ جو ٻئي ڏينهن به پتو نه پيو، وارثن کير وڪرو ڪندڙ پاڙيسرين تي ٻار گم ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو واقعي جو …

Read More »

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ 84 سيڪڙو ٿي وئي، اڪثر علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ

سکر( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌو درياءَ جي ٽنهي بئراجن ۾ پاڻي جي کوٽ بدترين صورتحال اختيار ڪري وئي آهي، جنهن سب خريف جو فصل شديد متاثر ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.  رپورٽ موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي کوٽ 85 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، بئراج وٽان پاڻي جي گهرج …

Read More »

ايندڙ عام چونڊن ۾ 10ڪروڙ59 لک 55 هزار 407 ووٽر ووٽ ڏيندا

اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن لاءِ رجسٽرڊ ووٽرز جا حتمي تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سموري ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرز جو انگ 10 ڪروڙ 59 لک 55 هزار 407 آهي. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي …

Read More »

سنڌسماءَچار جي نئين پڪي ڪرايل پراڻ شاخ جي تباهي جي خبر هلڻ رنگ لاتو

ميرپور خاص( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) جمڙائو ڪئنال مان نڪرندڙ پراڻ شاخ هنڌان هنڌان ٽٽڻ واري معاملي جي خبر سنڌسماءَچار تي هلڻ جي 15 ڪلاڪن کانپوءِ آبپاشي کاتي جي عملدارن نارا ڪئنال ايريا واٽر بورڊ انتظاميا منوٽيس وٺي ٺيڪيدار کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. شاخ کي 19 کان 20 مائل …

Read More »

نئون ديرو مان گم ٿيل ٻه ٻارڙا ڳولا باوجود هٿ نه آيا

لاڙڪاڻو/نئون ديرو ( رپورٽرز    سنڌسماءَچار) نئون ديرو شهر جي کهڙا پاڙي مان ٻه ٻارڙا پر اسرار نموني گم ٿي ويا آهن، گم ٿيل ڀاءُ ڀيڻ ڳولا باوجود هٿ اچي ناهن سگهيا، پوليس اڃا تائين ٻارڙن جي ڳولا لاءِ ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو ٻارڙن جي گم …

Read More »

وڏي وزير مراد علي شاهه پاران سنڌ اسيمبلي ۾ پراڻ شاخ جي تعريف، حقيقت ڪجهه ٻي نڪتي..!!!

جمڙائو ڪئنال – اوڀر مان نڪرندڙ پراڻ شاخ  ڪراچي ( اصغر آزاد سنڌسماءَچار)  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران اسيمبلي ميمبرز کي سنڌ ۾ ٿيل ترقي بابت پروجيڪٽر تي بريفنگ ڏني، جنهن دوران هن جمڙائو ڪئنال-اوڀر مان نڪرندڙ پراڻ شاخ کي پڪو ڪرڻ واري فلم …

Read More »

سڪرنڊ ڀرسان پ پ ايم اين اي پاران روڊ ٽوڙائي پاڻي چوري،شاگرد کي مارڪٽ

سڪرنڊ(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سڪرنڊ ويجهو گهنڊيا شاخ جو پاڻي پنهنجي زمينن کي پهچائڻ لاءِ بااثر ماڻهن گهنديا جو روڊ ٽوڙي ڇڏيو، وڊيو ريڪارڊ ڪندڙ شاگرد کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، واقعي خلاف ايس ايو پي اڳواڻن احتجاج ڪيو، جنهن بعد ناصري ٿاڻي تي بااثرن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي …

Read More »

جيڪب آباد ۾ واهه جي صفائي دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب 12 پورهيت بيهوش

جيڪب آباد( رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) راڄ واهه جي صفائي دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب 12 پورهيت بيهوش، پورهيتن کي سول اسپتال جيڪب آباد منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽرز پاران ٻن پورهيتن جي حالت ڳڻتي جوڳي قرار. چانڊڪا اسپتال ۾ علاج جاري. جيڪب آباد ڀرسان راڄ واهه جي صفائي دوران ساهه ٻوساٽجڻ …

Read More »

واٽر ڪميشن ڊي ايڇ اي کي اڏاوتون ڪرائڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) واٽر ڪميشن ڪراچي ۾ پاڻي کوٽ پوري ٿيڻ تائين ڊي ايڇ اي کي هائوسنگ اسڪيم ۾  تعميراتي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، ڪينٽونمينٽ بورڊ ۽ ڊي ايڇ اي ڪراچي کي پاڻي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ هفتي اندر تجويزون ڏيڻ جو حڪم، واٽر ڪميشن جي سربراهه ڪراچي جي …

Read More »

پ پ ايم پي اي عابد ڀيو ۽ سندس ڀاءُ بابل ڀيو آفيسرن کي اغوا جون ڌمڪيون ڏيڻ جو انڪشاف

بابل خان ڀيو  ڪراچي(رپورٽ:اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي مير عابد ڀيو ۽ سندس ڀاءُ مير بابل خان ڀيو پاران شڪارپور ۾ مقرر سرڪاري آفيسرز کي سندن ڪم نه ڪرڻ جي صورت ۾ اغوا جون ڌمڪيون ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ ورڪس اينڊ …

Read More »