Saturday , April 27 2024

سنڌ

پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ اسپتالن ۾ او پي ڊيز ۽ وارڊن ۾ ڪم ڇڏ هڙتال، احتجاجي مظاهرا

ڪراچي/ميرپورخاص/ نوابشاهه/جيڪب آباد (سنڌ سماءَ چار     مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي احتجاج دوران ملازمن تي پوليس تشدد خلاف ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ مختلف شهرن ۾ ملازمن اسپتالن جي  او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. لاڙڪاڻي ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي سڏ تي …

Read More »

سکر ۾ 6 ورهين جو نينگر پوليو جي مرض ۾ مبتلا

سکر( سنڌسماءَچار     مانيٽرنگ ڊيسڪ) سکر ۾ 6 ورهين جي ٻارڙي کي پوليو جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽرن چيو ته ٽيسٽون ڪرائڻ بعد خبر پئجي ويندي، علامتن مان پوليو محسوس ٿي رهيو آهي. پنوعاقل جي رهواسي دلدار سميجي جي 6 ورهين جي پٽ انصار علي سميجي کي پوليو جو …

Read More »

ارڙي جا راڱا نه رڪيا، ماتلي ۾ 2 ڀينرون فوت، صحت کاتو اڃا اگهور ننڊ ۾

ماتلي(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ارڙي جي مرض جا راڱا جاري آهن، صحت کاتو اڃا تائين اگهور ننڊ مان جاڳي ناهي سگهيو. ماتلي ۾ ارڙي وگهي 2 ڀينرون فوت ٿي ويون آهن، جڏهن ته ارڙي جي موذي مرض ۾ مبتلا وڌيڪ ڪيترن ئي ٻارڙن کي …

Read More »

ايپيڪس ڪميٽي جو اجلاس، متحده باني سان منصوب ڪيل رستن ۽ عمارتن جا نالا تبديل ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي( رپورٽر     سنڌسماءَچار) ايپڪس ڪميٽي ۽ ان جي خاندان جي نالي سان لاڳاپيل 62 عمارتن ۽ رستن جا نالا مٽائڻ جي منظوري  ڏئي ڇڏي آهي،اجلاس۾اسٽريٽ ڪرائيم جا ڪيس اي ٽي سي ۾ هلائڻ جي تجويز تي به ويچاريو ويو،وڏي وزير هدايت ڪئي ته شهرين کي هر حال ۾ تحفظ فراهم …

Read More »

فيض گنج ۾ نينگر سان بدفعلي ڪندڙ جوابدار دامن شر جيل حوالي

فيض گنج ( رپورٽر     سنڌسماءَچار)  پڪاچانگ شهر 3 ڏينهن اڳ مدرسي ۾ نينگر سان بدفعلي جي الزام هيٺ گرفتار ٿيل جوابدار دامن شر کي پوليس سول جج جي عدالت ۾  پيش ڪيو. پوليس جوابدار دامن شر جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي. عدالت پوليس جي جسماني رمانڊ واري درخواست رد …

Read More »

سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته جڏهن به چاهي ڪنهن آفيسر کي بدلي ڪري / ڪڍي ڇڏي: فاروق ايڇ نائيڪ جو سپريم ڪورٽ ۾ جواب

اسلام آباد(سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جي مقرري بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اهڙا اهم عهدا حڪومت جي رحم ۽ ڪرم تي نٿا ڇڏي سگهون، ڇا اها حڪومت جي مرضي آهي، جڏهن چاهي …

Read More »

پاڻي ڪميشن سکر جي ڪرن شگرملز جي مالڪ کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

  ڪراچي (رپورٽر    سنڌسماءَچار) پاڻي ڪميشن سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم، سکر جي ڪرن شگر ملز جي مالڪ کي گرفتار ڪري ڪميشن آڏو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.واٽر ڪميشن جي اجلاس دوران سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي / سيپا جي عملدارن رپورٽ پيش ڪندي چيو ته، فيڪٽرين ۾ …

Read More »

سنڌ حڪومت جي روايت برقرار، احتجاج ڪندڙ پيراميڊيڪل اسٽاف تي پوليس جي لٺ بازي

ڪراچي(رپورٽر    سنڌسماءَچار)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت پنهنجي روايتن کي دائم ۽ قائم رکندي پرامن احتجاج ڪندڙ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي لانگ مارچ تي لٺ بازي ڪرائيندي پوليس هٿان ڪيترن ۽ ماڻهن کي زخمي ڪرائي ڇڏيو آحي، پوليس پاران واٽر ڪينن جي استعمال ڪرائڻ سان ڪيترن ئي احتجاج ڪندڙ …

Read More »

عوام ۾ تبديلي جو وڌندڙ لاڙو ڀوتارن جي غرور کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندو: علي قاضي

گهوٽڪي( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) تبديلي پسندن جي سرواڻ علي قاضي چيو آهي ته سنڌ ۾ تبديلي وارو رجحان ڀوتارن کي جلد ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندو، پنجن مهينن بعد ٿيندڙ اليڪشن ۾ لکين ماڻهو تبديلي جي نالي تي ووٽ ڏئي سنڌ  کي سورن کان نجات ڏياريندا، ڀوتارن کي ووٽ ڏيڻ جو …

Read More »

ڪراچي لاءِ پاڻي جي ڪي فور منصوبي مان ٻيو ڪنهن کي پاڻي ملندو: جسٽس(ر) امير هاني

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪي فور منصوبي تي امير هاني مسلم پڇاڻو ڪيو ته منصوبو سستي جو شڪار ڇو آهي؟ جنهن تي ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري جواب ڏنو ته هو منصوبي لاءِ پيسا ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر جن کي پيسا ڏنا وڃن ٿا اهي پنهنجي ذميواري نٿا نڀائين. ايس ٿري منصوبي …

Read More »