Monday , May 6 2024

Asghar Azad

24 کان 27 مارچ، اسلام آباد ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن تاريخي دنگل

وزيراعظم عمران خان 27 مارچ ۽ پي ڊي ايم 24 مارچ تي اسلام آباد ۾ سياسي طاقت جو اعلان ڪري ڇڏيو، 10 لک ماڻهو گڏ ڪرڻ جو اعلان مولانا فضل الرحمان ڪارڪن 23 مارچ تي سڄي ملڪ مان اسلام آباد پهچڻ جي هدايت، بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ تائين ڌرڻو …

Read More »

اسلام آباد ۾ سياسي جنگ جا طبل وڄي ويا، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم هڪ پيج تي

پيپلزپارٽي ايم ڪيو ايم جا سمورا شرط مڃي ورتا، اعتبار ڏيارڻ لاءِ جلد ڪراچي ڊويزن ۾ اهم ڪامورن جون مقرريون بدليون ايم ڪيو ايم جي مرضيءَ مطابق ڪيون وينديون پيپلزپارٽي نئين مڪاني نظام واري قانون ۾ ايم ڪيو ايم جي خواهش مطابق ترميم ڪرڻ، ڪي ايم سي، واٽر بورڊ، سنڌ …

Read More »

ايم آر ڊي جو اهم ڪردار سينيئر سياستدان مخدوم خليق الزمان لاڏاڻو ڪري ويو

مخدوم غلام محمد عرف مخدوم خليق الزمان ڪافي عرصو بيمار رهڻ بعد سومر ڏينهن ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج دوران لاڏاڻو ڪري ويو مخدوم خليق الزمان جو مڙهه ڪراچي کان هالا پهچايو ويو، جتي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد سوين آلين اکين سان سندس مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي …

Read More »

پشاور ۾ دهشتگردي، مسجد اندر ڪربلا برپا، 57 نمازي شهيد

پشاور ( مانٽيرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) پشاور هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي، دهشتگرد جمعي جي نماز دوران مسجد اندر آپگهاتي ڌماڪو ڪرڻ ۾ ڪامياب 57 نمازي شهيد ۽ 195 کان وڌيڪ خمي ٿي پيا، شهيدنن جا مڙهه ۽ زخمين کي مختلف سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. پشاور شهر جي …

Read More »

سنڌ جي سامونڊي پٽي جي تباهي ۽ حڪمران

پيپلزپارٽي جو عوامي مارچ ! انڊس ڊيلٽا ۽ انساني الميو – اصغر آزاد لڳ ڀڳ 20 سالن دوران ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم خاص طور تي انڊس ڊيلٽا پاڻي جي مقرر مقدار لاءِ سِڪي وئي آهي سنڌ جي سامونڊي پٽي جي لڳ ڀڳ 35 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي ۽ …

Read More »

پيپلزپارٽي جو وفاقي حڪومت خلاف مارچ ڪراچي مان روانو، بلاول پاران اعلان جنگ

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلزپارٽي پاران وفاقي حڪومت خلاف مارچ ڪراچي مان روانو، بلاول ڀٽو زرداري  جي اڳواڻي ۾ ڪراچي کان اسلام آباد روانو ٿيل مارچ پنهنجي پهرين منزل ٺٽي طرف روان دوان آهي. بلاول هائوس مان ٻه سئو کان وڌيڪ لگزري گاڏين ۽ ٻين ننڍين وڏين گاڏين …

Read More »

پ پ اڳواڻ اڳوڻو وفاقي وزير سينيٽر رحمان ملڪ لاڏاڻو ڪري ويو

شهيد بينظير ڀٽو جو چيف سيڪيورٽي آفيسر پ پ اڳواڻ ۽ سينيٽر رحمان ملڪ اسلام آباد جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار)  پيپلزپارٽي جو سينئر اڳواڻ، اڳوڻو وفاقي وزير، سنڌ مان چونڊيل سينيٽر پنجاب واسي رحمان ملڪ لاڏاڻو ڪري ويو. اڳوڻو وفاقي گهرو …

Read More »

مهاڻن مطالبن جو مڃتا لاءِ احتجاج، ڪي پي ٽي جو چينل بند

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪراچي جي سامونڊي پٽي تي آباد ۽ سمنڊ ۾ مڇي جو شڪار ڪندڙمهاڻن مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ( ڪي پي ٽي) جو سامونڊي چينل بند ڪري ڇڏيو آهي. مهاڻن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ مرحليوار احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڏني آهي، مهاڻن پنهنجي بنيادي …

Read More »

نمرتا چنداڻي ۽ نوشين شاهه جو قتل يا آپگهات ؟ – سهيل ميمڻ

نمرتا  چنداڻي ۽ نوشين شاهه جو قتل يا  آپگهات ؟ –   سهيل ميمڻ لاڙڪاڻي جي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي هڪ ئي هاسٽل مان ٻن سالن جي وقفي سان ٻن شاگردياڻين، گهوٽڪي واسڻ ڊاڪٽر نمرتا چنداڻي ۽ دادو واسڻ ڊاڪٽر نوشين شاهه هاسٽل جي ڪمري مان ڦاهو لڳل لاش …

Read More »

سنڌ ۾ احساس ڪفالت جي امدادي رقم مان ڪٽوتيون بند نه ٿيون

فيض گنج ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ جي ٻين شهرن جيان فيض گنج ۾ به احساس ڪفالت جي امدادي رقم مان ڪٽوتين جو سلسلو ختم نه ٿيو، مستحقن جي رقم مان هڪ هزار رپيا ڪٽوتي جو انتظاميا سميت ڪنهن به نوٽيس نه ورتو. سنڌ ۾ بينظر انڪم سپورٽ پرگرام کانپوءِ احساس …

Read More »