Tuesday , May 7 2024

Asghar Azad

شڪارپور ۾ سيڌو ورهائڻ دوران گهر جي ڀت ڪري پئي 5 ٻارڙا  دٻجي فوت

شڪارپور ۾ سيڌو ورهائڻ دوران گهر جي ڀت ڪري پئي 5 ٻارڙا  دٻجي فوت شڪارپور ( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار ) شڪارپور ويجهو ڳوٺ جاڳڻ ۾ مستحقن ۾ سيڌو سامان ورهائڻ دوران گهر جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 5 معصوم ٻارڙا دٻجي فوت ٿي ويا. ڳوٺاڻن موجب، لاڪ ڊائون متاثرن …

Read More »

لاڪ ڊائون ۽ سخت لاڪ ڊائون، سنڌ حڪومت جي حڪمن تي عمل نه ٿيو

لاڪ ڊائون تي سختي لاءِ وڏي وزير مراد علي شاهه جي هدايتن تي واڳيل اختياريون عمل ڪرائڻ کان لنوائڻ لڳيون ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪرونا جي روڪٿام لاءِ سنڌ حڪومت پاران سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي حڪمن تي عمل نه ٿيڻ ڪري بازارن ۾ ۽ رستن تي ماڻهن جا هُجوم وڌڻ …

Read More »

سکر ۽ گهوٽڪي تبليغي مرڪزن ۾ 146 ڄڻن کي ڪرونا جي تصديق

تبليغي مرڪز سکر ۾ 52 ۽ گهوٽڪي مرڪز ۾ 94 ڄڻن کي ڪرونا وائرس جي تصديق سکر / گهوٽڪي (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سکر ۽ گهوٽڪي جي تبليغي مرڪزن ۾ ترسيل تبليغي جماعت جي 146 ماڻهن کي وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي، سکر ۾ 52 ۽ گهوٽڪي ۾ ظاهر ٿيل …

Read More »

ڪرونا سنڌ کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو، لاڪ ڊائون تي سختي به نه ٿي

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي وبائي مرض ۾ مبتلا مريضن جو انگ 21سئو کان وڌي ويو ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪرونا وائرس سنڌ سميت سڄي ملڪ کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي آهي، سنڌ ۾ اڄ وڌيڪ نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ وبائي مرض ۾ مبتلا ٿي ويل ماڻهن جو انگ …

Read More »

عمرڪوٽ جي چانهيان پاڙي جي رهواسي کي به ڪرونا جي تصديق

روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل عمرڪوٽ واسي نوجوان کي ڪرونا جي تصديق، حيدر آباد منتقل عمرڪوٽ( ڊسٽرڪٽ رپورٽر   سنڌسماءَچار) عمرڪوٽ شهر جي نوجوان کي ڪرونا وائس هئڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، نوجوان روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيڻ بعد ڪراچي جي ٽراما سينٽر ۾ علاج هيٺ هو، جتي سندس مختلف …

Read More »

سنڌ ۾ لاڪ ڊائون وڌيڪ سخت، ڪا به صنعت سنڌ حڪومت جي اجازت کانسواءِ نه کُلندي: مراد علي شاهه

وفاق جن صنعتن کي کولڻ جي اجازت ڏني آهي، سنڌ ۾ موجود انهن صنعتن کي کولڻ لاءِ سنڌ حڪومت کان اجازت وٺڻي پوندي: وڏو وزير صنعتن کي کولڻ کان اڳ مزدورن جي فهرست ۽ انهن جي ڪرونا کان بچاءَ جي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ کانسواءِ اجازت نه هوندي:مراد …

Read More »

ٿرپارڪر جي ڪجهه علائقن ۾ سيڌو سامان من پسند ماڻهن حوالي

يوسيز چيئرمين امدادي سامان سرندي وارن ۽ پ پ اڳواڻن کي ڏئي رهيا آهن:ڳوٺاڻن جو الزام ڏاهلي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ٿر جي مختلف يونين ڪائونسل ۾ سنڌ حڪومت پاران لاڪ ڊائون متازٿرن ۾ سيڌو مهيا ڪرڻ ۾ غريب ۽ بي پهچ ماڻهو نظر انداز، سياسي ڪوٽا تحت سيڌو مهيا ڪرڻ جون شڪايتون …

Read More »

ڪرونا وائرس، وفاقي ۽ سنڌ حڪومت آمهون سامهون ٿيڻ جو امڪان

اڄ اهم وفاقي سطح جي شخصيت جي بيان جو امڪان، لاڪ ڊائون بابت صورتحال واضح ٿي ويندي ڪراچي(رپورٽر    سنڌسماءَچار) ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ سنڌ حڪومت پاران لاڳو ڪيل لاڪ ڊائون وارو مدو سڀاڻي 14 اپريل تي ختم ٿيڻ بعد سنڌ حڪومت پاران مدو وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو …

Read More »

نوشهرو فيروز ويجهو ملڪيت جي تڪرار تان 2 سڳا ڀائر مارجي ويا

درياخان مري ۾ مارجي ويل ڀائر(فوٽو سوشل ميڊيا تان ورتل) نوشهروفيروز (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ لَڙ ۾ ملڪيت جي تڪرار تان ڀائرن ۾ جهيڙو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2سڳا ڀائر مارجي ويا، ٽن ڀائرن نديم وڙائچ، عبدالرزاق وڙائچ ۽ نجو وڙائچ ۾ زمين جي معاملي …

Read More »

ڪرونا جي مريضن ۾ واڌ، سنڌ ۾ هڪ هزار 411، ملڪ ۾ مجموعي انگ 5111 ٿي ويو

سنڌ ۾ ڪرونا جا 93 نوان ڪيس ظاهر،پاڪستان ۾ متاثرن جو انگ 5131 ٿي ويو ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ اڄوڪي ڏينهن ڪرونا جا وڌيڪ 93 ڪيسز جي تصديق، سنڌ ۾ مريضن جو انگ هڪ هزار 411 ٿي ويو آهي، ملڪ ۾ مجموعي طور مريضن جو انگ 5 هزار …

Read More »