Saturday , May 4 2024

Asghar Azad

ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال آئيڊيل ناهي، آپريشن لاءِ وفاقي سرڪاري پنهنجي حصي جي رقم نه ٿو ڏئي: سهيل انور سيال

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته، ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال ايڏي به بهتر/آئيڊيل ناهي، پر ماضي جي ڀيٽ ۾ ڪراچي ۾ امن امان واري صورتحال ڪافي بهتر ٿي آهي. وفاقي سرڪار واعدو ڪيو هو ته ته ڪراچي آپريشن …

Read More »

سنڌ جي سڌ سماءَ واري کاتي ۾ 5 ارب 77 ڪروڙ ڪرپشن، سموريون درخواستون گڏي ٻڌيون وينديون: هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ)  سنڌ هاءِ ڪورٽ، سڌ سماءَ کاتي ۾ 5 ارب 77 ڪروڙ رپيا ڪرپشن واري معاملي ۾ سموريون درخواستون گڏائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نيب ريفرنس ۾ نامزد سڌ سماءَ جي اڳوڻي سيڪريٽري ذوالفقار شالواڻي، سارنگ چانڊيو، گلزار ۽ ٻين جي ضمانت واري …

Read More »

5ارب 77 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ ۾ گرفتار شرجيل ميمڻ جي بيماري جاچڻ لاءِ احتساب عدالت ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار)احتساب عدالت 5 ارب 77 ڪروڙ رپين جي ڪرپش ڪيس ۾ گرفتار ٿيل، اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي علاج جي سهولت ڏيارڻ بابت داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران درخواستگذار کي به عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت شرجيل ميمڻ جي بيماري واري معاملي تي …

Read More »

پاڪستاني عوام آمريڪا جي فلسطين بابت فيصلي جي مذمت ڪري ٿو: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

استنبول (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي آمريڪا طرفان بيت المقدس کي اسرائيل جي گادي وارو هنڌ تسليم ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته مسلمانن جي ڀلائي او آءِ سي جو گڏيل روڊ ميپ هئڻ گهرجي، مسلمان ملڪن کي آزاد فلسطين رياست لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. ترڪي …

Read More »

عالمي برداري بيت المقدس کي فلسطين جي راڄڌاني طور قبول ڪري: او آءِ سي جو مطالبو

استنبول ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرگنائيزيشن آف اسلامڪ ڪانفرنس / او آءِ سي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته، بيت المقدس کي فلسطين جي راڄڌاني طور تسليم ڪيو وڃي، آمريڪا جو فيصلو انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي هٿي ڏيندو، فيصلو فوري طور تي واپس ورتو وڃي. ترڪي جي شهر  استنبول …

Read More »

سنڌ اسيمبلي جي اڱڻ تي عيدميلادالنبي جي تقريب، حسين شاهه قمبر وارو خصوصي طور شريڪ

ڪراچي( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي اڱڻ تي عيدميلادالنبي ﷺ جي سلسلي ۾ تقريب ٿي، جنهن ۾ پهريون ڀيرو پير سيد غلام حسين شاهه نقشبندي (قمبر وارو سائين) خصوصي طور تي شريڪ ٿيو. تقريب کي خطاب ڪندي پير سيد غلام حسين شاهه نقشبندي خاص خطاب ڪندي چيو …

Read More »

نيٺ 35 سالن کانپوءِ سئنيما گهرن تي لڳايل پابندي ختم ٿي وئي، شوبز کي هٿي ڏياري ويندي

رياض ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سعودي عرب جي حڪومت ملڪ 35 سالن کانپوءِ نيٺ ملڪ ۾ سئينيما گهرن تي لڳايل پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي، ملڪ اندر هڪ ڀبيرو ٻيهر ملڪ اندر سئنيما گهر قائم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، 2018 ۾ سئنيما گهر قائم ڪرڻ جي …

Read More »

سپريم ڪورٽ حديبيه پيپرملز ڪيس بابت ٽي وي ٽاڪ شوز تي پابندي هڻي ڇڏي

اسلام آباد( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ حديبيا ريفرنسز ڪيس بابت ٽاڪ شوز تي پابندي لڳائي ڇڏي، جسٽس مشير عالم ريماڪس ڏيندي چيو رڳو رپورٽنگ جي اجازت هوندي، ٽاڪ شوز ۾ ڪنهن به ميرٽ تي ڳالهه نٿي ٿي سگهي. جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ جسٽس قاضي فائز …

Read More »

بلاول هائوس ويجهو احتجاج ڇو ٿا ڪيو، پوليس آبادگارن تي ڪڙڪي پئي، عورتون به تشدد ۾ متاثر

ڪراچي ( چيف رپورٽر  سنڌ سماءَ چار ) ڪراچي ۾ ڪمند جي طئي ٿيل اگهه تي عمل نه ٿيڻ ۽ شگر ملز پاران پيڙائي شروع نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگارن تي پوليس ڪڙڪي لٺبازي ڪري ڏني، جنهن دوران علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، پوليس چڪرين دوران 3 عورتن …

Read More »

احتجاج ڪندڙ آبادگارن خلاف طاقت جو ٿورو استعمال ڪيو: گهرو وزير سهيل انور سيال

ڪراچي ( اصغر آزاد   سنڌ سماءَ چار ) سنڌ جي گهرو ۽ زراعت کاتي جي صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته حڪومت بلاول هائوس ويجهو احتجاج ڪندڙ ڪمند جي آبادگارن خلاف طاقت جو ٿورڙو استعمال ڪيو، احتجاج ڪندڙ آبادگارن جو ننڍو گروپ هو جنهن جي اڳواڻي پي ٽي …

Read More »