Saturday , May 18 2024

Asghar Azad

پيپلزپارٽي جو ايم پي اي ڊاڪٽر عبدالستار راڄپر ڪرپشن الزامن هيٺ نيب وٽ پيش

سکر(خاص نمائندو-سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نوشهرو فيروز مان چونڊيل ايم پي اي ڊاڪٽر عبدالستار راڄپر خلاف ڪرپشن جي مختلف الزامن هيٺ نيب ۾ جاچ هلندڙ آهي. پ پ ايم پي اي ستار راڄپر قومي احتساب بيورو سکر ۾ پيش ٿي ٻن ڪلاڪن تائين پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو. ذريعن موجب …

Read More »

بلوچ قومپرست اڳواڻ خيربخش مري جو پٽ گزين مري گرفتار

بلوچستان قومپرست اڳواڻ خيربخش مري جو پٽ ۽ اڳوڻو صوبائي گهرو وزير نوابزاده گزين مري ڪوئٽا مان گرفتار ٿي ويو آهي. گزين مري پاڻمرادو اختيار ڪيل جلاوطني ختم ڪري 18 سالن کانپوءِ ڪوئٽا ايئرپورٽ تي پهتو ته کيس سوگهو ڪيو ڪيو ويو. سنڌ سماءَ چار پاران گڏ ڪيل معلومات مطابق …

Read More »

وفاقي سرڪار آدمشماري تي سنڌ جا خدشا ختم نه ڪيا، اجلاس بنا نتيجي ختم

اسلام آباد(خاص عيوضي سنڌسماءَچار) وفاقي سرڪار جي شماريات کاتي پاران آدمشامريءَ تي سنڌ جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ سڏايل اجلاس ۾، گهرن ۽ ڪٽنبن جي ڳڻپ واران بلاڪس بابت تفصيل ڏيڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جو قانون وارو وزير مايوس ٿي واپس موٽي آيو، ضياءَ لنجار چيو …

Read More »

راونتي واسي نينگرپنجن ڏينهن کان گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ

راونتي (محمد بچل گهنڃون-سنڌسماءَچار)  شهر جي رهائشي ڪالوني مان شهري 5 ڏينهن پهريان شهري غلام محمد جو 12 ورهين جو پٽ پراسرار نموني گم ٿين ويو آهي، جنهن جو ڳولا باوجود ڪو به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو. وارثن شڪ ظاهر ڪيو آحي ته سندن نينگري کي اغوا ڪيو ويو …

Read More »

گهوٽڪي:عادلپور ۾ پورهيت جي نياڻي جانور صفت جوابدارن پاران وحشت جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش، صدمي ۾ ناري جو سئوٽ فوت

گهوٽڪي(زوهيب ڪمال پٺاڻ) عادلپور لڳ جانور صفت جوابدار نياڻي سان زيادتي ڪرڻ بعد کيس ڪپڙن کان آجو ڇڏي ڀڄي ويا. ڀيڻ سان گڏ گاهه ڪرڻ لاءِ ويل ثانيا چاچڙ کي ٽن جوابدارن اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو، نياڻي جون اڀ ڏاريندڙ رڙيون جانور صفت جوابدارن کي روڪي نه سگهيون. وارثن …

Read More »

يزيد کي شڪست ڏيندڙ عظيم عرب سورمي بيبي زينب – يوسف جوکيو

ڪربلا ۾ امام حسين پنهنجي 72 جانثارن سوڌو شهيد ٿي ويو، نبيءَ جي اولاد کي بيدرديءَ سان ڪٺو ويو. شام غريبان برپا ٿي چڪي. الله جي محبوب پيغمبر جي نياڻين ۽ ٻارن کي قيدي بڻائي شهر جي رستن تان گشت ڪرايو ويو. پر هن قتلام تي نه ڪا دانهن ٻري …

Read More »

شريف خاندان ۽ نواز حڪومت لاءِ ڏچي مٿان ڏچو

لاهور(سنڌسماءَچار ويب ڊيسڪ) پاناما ڪيس ۾ نواز شريف جي نااهلي کانپوءِ نون ليگ جي مرڪزي ۽ پنجاب حڪومت سميت شريف خاندان لاءِ پريشانين ۾ گهٽتائي اچڻ بدران روز نوان ڏچا پيدا ٿي رهيا آهن.  لاهور هاءِ ڪورٽ ماڊل ٽائون ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ جي احتجاج دوران ٿيل پوليس ڪارروائين بابت …

Read More »

“ڀٽو خاندان جي تباهي جو ڪارڻ آصف زرداري آهي”- پرويز مشرف

نيٺ هڪ ڊڪٽيٽر کي ياد اچي ويو ته ۾ير مرتضيٰ ۽ بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو، پر عدالتن آڏو پيش نه ٿيندو. اڳوڻي آرمي چيف ۽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف هڪ ويڊيو بيان جاري ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته “ هُو بينظير ڀٽو جي اولاد، خاندان ۽ سنڌ جي ماڻهن …

Read More »

شهيد تانيا خاصخيلي جي وارثن کي نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون

جهانگارا ۾ وحشي جوابدار خانونوحاڻي ۽ سندس ساٿي جوابدارن هٿان والدين آڏو قتل ڪيل نياڻي شهيد تانيا خاصخيلي جي والدين کي جوابدارن جا سهولتڪار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. شهيد تانيا جي والدين ميڊِيا کي ٻڌايو آهي ته، کين بااثر جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، کين مڪمل تحفظ ڏئي سهولتڪارن …

Read More »

اسان بنگالين ۽ ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ تحفظ ڏيندا رهنداسين، ڪنهن تڪليف ٿئي ٿي ته ڀلي ٿئي: نثار کهڙو

پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو ان ڳالهه جي يقين دهاني / پڪ ڏياري ڇڏي آهي ته بنگالکين ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ سميت انهن ٻيون سهولتون به ڏينداسين. ان ڳالهه جو اظهار پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ سينئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو خميس ڏهاڙي، پ …

Read More »