Saturday , April 27 2024

بلاول ڀٽو زرداري تڪڙي پريس ڪانفرنس ڇو ڪئي؟ سنڌ پوليس ۾ طوفان ڇو آيو؟

وڏو وزير مراد علي شاهه سنڌ پوليس جي آفيسرز خاص طور تي آءِ جي مشتاق مهر کان آخري وقت تي ڌڪ ڪڍي ويو:پوليس ذريعا

مراد علي شاهه آءِ جي واري معاملي تي پريس ڪانفرنس ۾ طئي ٿيل واضح موقف پيش نه ڪيو، مجبورن بلاول کي پريس ڪانفرنس ڪرڻي پئي:پ پ جا ذريعا

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران آءِ جي سنڌ جي شڪي اغوا ۽ تذليل واري معاملي بابت پريس ڪانفرنس ۾ سخت موقف اختيار نه ڪرڻ تي بلاول ڀٽو زرداري پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار، مراد علي شاهه کان سخت پڇاڻو، ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ جي سنڌ مشتاق مهر سميت پوليس آفيسرز پاران موڪلن تي وڃڻ جو فيصلو به وڏي وزير پاران طئي ٿيل موقف پيش نه ڪرڻ جو نتيجو آهي.20هين آڪٽوبر اڱاري ڏينهن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران تڪڙي پريس ڪانفرنس سڏائي ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال ۽ آءِ جي سنڌ جي شڪي اغوا ۽ تذليل واري معاملي تي پهريون ڀيرو عسڪري ادارن خلاف سخت موقف اختيار ڪيو ۽ آرمي چيف کان جاچ جو مطالبو ڪيو، ان بابت پيپلزپارٽي جي هڪ سينئر اڳواڻ ۽ سي ايم هائوس جي اهم عهديدار کان مليل ڄاڻ موجب، “ پارٽي قيادت آءِ جي سنڌ واري معاملي تي وڏي وزير مراد علي شاهه کي اهڙو ئي موقف پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، جيڪو بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ اظهار ڪيو، طئي ٿيو هو ته وڏو وزير مراد علي شاهه عسڪري قيادت کان معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو مطابلو ڪندو، پر هن ائين نه ڪيو.

” پ پ پ جي ان سينئر اڳواڻ سنڌسماچار کي ٻڌايو ته، “ وڏو وزير، بلاول ڀٽو زرداري سان طئي ڪيل موقف پريس ڪانفرنس ۾ پيش ڪرڻ جي حامي ڀري، بلاول کائنس اهو به پڇيو ته جيڪڏهن ڪو مسئلو هجي ته هاڻي ئي ٻڌائي، جنهن تي مراد علي شاهه چيو ته هُو پارٽي قيادت جي هدايتن جو پابند آهي، ائين موقف پيش ڪندو، پريس ڪانفرنس ۾ هن ائين نه ڪيو، جنهن تي بلاول سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ تڪڙي پريس ڪانفرنس سڏائي.” هن ٻڌايو ته، “ مونکي خبر پئي آهي ته پريس ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ بلاول کان پڇيو ويو ته وڏي وزير کي گهرايون؟ جنهن تي بلاول ڪو به جواب نه ڏنو، ميڊيا تان خبرون هلڻ بعد وڏو وزير بلاول هائوس پهتو هو“. وڏي وزير آخرڪار ائين ڇو ڪيو؟ واري سوال تي هن ٻڌايو ته، “ وڏي وزير جا هاڻي وڏا واسطا ٿي ويا آهن، انڪري کيس پرواهه مڙئي ڪجهه گهٽ آهي، نيب راولپنڊي جا چڪر به ڪي اجايا ته ڪو نه ٿو هڻي، اتي به هن جا وڏا واسطا ٺهي ويا آهن”.

آءِ جي سنڌ مشتاق مهر، ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز پاران موڪل تي وڃڻ واري معاملي بابت جڏهن سنڌ سماچار پاران حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ سنڌ پوليس جي هڪ سينئر آفيسر سان رابطو ڪيو ويو ته، هن ٻڌايو ته، “ وڏي وزير مراد علي شاهه کي پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ آءِ جي سنڌ سان واضح طور تي گڏ بيهڻو هيو، مشتاق مهر سان پيش آيل واقعي بابت ميڊيا کي چٽي طرح ٻڌائڻو هيو ۽ آءِ جي سميت سنڌ پوليس جي حمايت ڪرڻي هئي، پر هن ائين نه ڪيو، وڏي وزير ته رهندو ڪيپٽن صفدر جي نعريبازي واري معاملي کي به جهڙوڪر غلط عمل قرار ڏنو” هن سنڌ سماچار کي وڌيڪ ٻڌايو ته، “وڏي وزير صاحب خبر ناهي ڪهڙي مصلحت تحت صرف ايف آءِ آر داخل ٿيڻ جي جاچ ۽ آءِ جي واري معاملي روايتي انداز ۾ موقف پيش  ڪيو، حالانڪه آءِ جي، ايڊيشنل آءِ ڪراچي ۽ واڳيل ڊي آءِ جي توڙي ايس ايس پي ڪيپٽن صفدر واري معاملي تي سنڌ حڪومت جي ڀرپور مدد ڪئي، پر افسوس ته وڏي وزير نه نڀايو. هن چيو ته جڏهن وڏي وزير چٽي طرح آءِ جي سنڌ جي واري معاملي تي اهو مطالبو نه ڪيو جيڪو بعد ۾ بلاول ڀٽو زرداري پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو، وڏو وزير اڌ ۾ اچي سنڌ پوليس خاص طور تي آءِ جي سنڌ کان ڌڪ ڪڍي ويو، جنهن کانپوءِ مشتاق مهر سميت ٻين پوليس آفيسرن دليراڻو فيصلو ڪيو.” بلاول ڀٽو زرداري جي سخت موقف پيش ڪرڻ کانپوءِ ئي آرمي چيف معاملي جو نوٽيس ورتو ۽ جاچ ڪرائڻ جون هدايوتن جاري ڪيون، آرمي چيف بلاول ڀٽو زردااري سان به فون تي رابطو ڪري معاملي جي جاچ ڪرائي ان جي تحت تائين پهچڻ جي خاطري ڪرائي ۽ بلاول سندس ٿورو مڃيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *