Sunday , April 28 2024

ڀٽائي گهوٽ جو 276هون عرس مبارڪ اڄ کان شروع

ڀٽائي گهوٽ جو 276هون عرس مبارڪ اڄ کان شروع، راڳ رنگ جي محفل جا ڪارڊ خاص ماڻهن معرفت وٺڻان پوندا

هالا (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڀٽائي گهوٽ شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو 276 هون ساليانو عرس مبارڪ اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، اوقاف کاتي جي صوبائي وزير سهيل انور سيال ۽ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه سان گڏجي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي عرس مبارڪ جي سرڪاري تقريبن جو باقاعده افتتاح ڪندو. ڀٽ شاهه ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن. سنڌ حڪومت شاهه لطيف جي ميلي موقعي تي اڄ سومر ڏينهن عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پانڌيئڙن جي آمد جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ڪيترن ئي شهرن مان ڀٽائي جي عقيدتمندن جا پيادل قافلا به ڀٽ شاهه پهچي ويا آهن، هر پاسي جيئي لطيف ۽ ڀيڄ ڀٽائي جي نعرن جي گونج شروع ٿي وئي آهي.

درگاهه ڀٽائي سميت ثقافتي مرڪز ۽ شهر جي اهم مرڪزن کي رنگ برنگي بلبن ۽ جهالرن سان سينگاريو ويو آهي، ميلي جي خوبصورتي ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ بازار ۽ اسٽال به سجايا ويا آهن. ادبي ڪانفرنس ۾ ثقافت کاتي پاران هڪ ڪتاب ۽ سووينيئر جي مهورت ڪئي ويندي، جانورن جي نمائش، گهوڙن جي ڊوڙ، نمائش گرائونڊ ۾ زرعي ڳوٺ، شاهه جو باغ ۾ قائم ثقافتي ڳوٺ ۾ سنڌ جي مختلف هٿ جي هنرن جا اسٽال لڳايا ويا آهن جڏهن ته تاريخي ڪراڙ ڍنڍ کي تازي پاڻي سان ڀريو ويو آهي، ڪراڙ ڍنڍ جي وچ ۾ نصب ٿيل شاهه سائين جو شاهڪار مجمسو پانڍيئڙن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي، ايڇ ٽي سورلي هال ۾ پهرئين ڏينهن سگهڙن جي ڪچهري، جڏهن ته رات جو لطيفي راڳ رنگ جي محفل پوري رات جاري رهندي، ٻئي ڏينهن سالياني ادبي ڪانفرنس منعقد ٿيندي، عرس مبارڪ جا ٽئي ڏينهن ملاکڙا گرائونڊ ۾ ملهه پهلوان زور آزمائي ۽ طاقت جو ڀرپور مظاهرو ڪندا. ڀٽائي جي زائرين پاران ميلي جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ اچڻ جو سلسلو جاري آهي، وڏي تعداد ۾ پانڌيئڙا مزار تي پهچي دعا گهري رهيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *