Saturday , April 27 2024

۽ سينئر صحافي، ڪهاڻيڪار حسن منصور به وڇڙي ويو

اڙي موت شل ڪو موت پوئي، ساهه سيباڻا ماڻهو کسيون ٿو وڃين…۽ سينئر صحافي ۽ ڪهاڻيڪار حسن منصور به وڇڙي ويو

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) سينيئر صحافي ۽ ڪهاڻيڪار حسن منصور دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو، حسن ميڊيا جي ڏيهي توڙي پرڏيهي ادارن ۾ ڪم ڪيو ۽ نالو ڪمايو. سنڌي ميڊيا کان صحافت جي شروعات ڪندڙ سينئر صحافي، ڀلوڙ ڪهاڻيڪار ۽ شاعر حسن منصور نظاماڻي کي ڪراچي ۾ پنهنجي گهر ۾ دل جو دورو پيو، جنهن کي اسپتال منتلق ڪيو ويو پر سندس ساهه جو سڳو ٽُٽُي پيو. حسن منصور پنهنجي صحافتي ڪيريئر جي شروعات سنڌي اخبار عوامي آواز ۾ ڪالم لکڻ سان ڪئي، جنهن بعد مختلف سنڌي ۽ اردو اخبارن ۾ رپورٽنگ ڪئي ڪالم به لکندو رهيو. حسن منصور پرڏيهي خابرو ادارن سان واڳيل رهيو، حسن منصور مختلف ادارن ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ انگريزي اخبار ڊان سان آخر تائين واڳيل رهيو.

حسن منصور چوندو هو ته، “ مان پلاٽ ڏسي يا پلاٽ تي ڪهاڻي ناهيان لکندو پر ڪردار مونکان ڪهاڻي لکرائيندا آهن”. حسن منصور هڪ ناول به لکي رهيو هو، جيڪو سندس حياتي بيوفائي ڪري وڃڻ سبب اڌ ۾ رهجي ويو، حسن منصور اهو ناول ڪراچيءَ تي لکي رهيو هو پر ان جو محور لياري هو.

 حسن منصور پاران پنهنجي فيس بڪ تي شيئر ڪيل آخري فوٽو – سنڌ اسيمبلي جي عمارت جو اوچائي تان ورتل فوٽو 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *