Sunday , April 28 2024

ڪراچي ايڪسپو سينٽر 10 هزار بسترن جو آئسوليشن سينٽر قائم، پاڪ فوج پاران به سهڪار

ڪراچي ايڪسپو سينٽر 10 هزار بسترن جو آئسوليشن سينٽر قائم، سعيد غني جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم

ڪراچي (رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ سرڪار ڪورونا وائرس جي متاثرن ۽ شڪي مريضن جي سهولت لاءِ ڪراچي جي ايڪسپوسينٽر کي آئسوليشن سينٽر / قرنطينا ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جتي ضروري انتظام ڪيا پيا وڃن، قرنطينا جا انتظام پاڪ فوج جي حوالي ڪيا ويندا. ڪور ڪمانڊر ڪراچي به وڏي وزير کي خاطري ڪرائي آهي ته، پاڪ فوج 10 هزار بسترن تي ٻڌل قرنطينه ٺاهڻ لاءِ ڀرپور سهڪار ڪندي، وڏي وزير ۽ ڪور ڪمانڊر ڪراچي گڏيل ٽيم به جوڙي وئي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ ٽاسڪ فورس جي اجلاس دوران صحت کاتي جي صوبائي وزير، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل همايون عزيز، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، ڊي جي رينجرز عمر بخاري، آءِ جي پوليس مشتاق مهر سميت لاڳاپيل اختيارين جي عملدارن ۽  ذميوارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ايڪسپو سينٽر کي به قرنطينه ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪو 10 هزار بسترن تي ٻڌل هوندو، وڏي وزير چيو ته ايڪسپو سينٽر جي هڪ هال کان قرنطينه جو ڪم شروع ڪريون ٿا ۽ پوءِ ان کي اڳتي وڌايو ويندو. اجلاس ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي طرفان ايڪسپو سينٽر ۾ اسپتال ۽ آئسوليشن سينٽر قائم ڪرڻ واري فيصلي ۾ سنڌ سرڪار سان ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي وئي. فيصلي جي حوالي سان وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪور ڪمانڊر ڪراچي ۽ سنڌ حڪومت جي هڪ ٽيم ٺاهي پئي وڃي، جيڪا ايڪسپو سينٽر کي قرنطينه ۾ تبديل ڪرڻ وارو ڪم انجام ڏيندي. حڪومت طرفان ڪميٽي جو سربراهه سعيد غني ڪندو، جڏهن ته ڪميٽي ۾ ڪشمنر ڪراچي، ڪور ڪمانڊر ڪراچي طرفان برگيڊيئر سميع ۽ سندس ٽيم به شامل هوندي. اجلاس دوران ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته شهر جي بندش جي صورت ۾ غريب ماڻهو کاڌي خوراڪ لاءِ پريشان هوندا آهن، تنهن ڪري غريب ماڻهن کي گهرن تائين راشن اُماڻڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته پهرئين مرحلي ۾ هڪ مهيني جو راشن جا ٿيلها گهرن تائين پهچايا ويندا. وڏي وزير 20 لک راشن بيگز غريب ماڻهن جي گهرن تائين موڪلڻ جي هدايت ڪئي، جنهن ۾ چانور، اٽو، ٽن قسمن جون داليون، گيهه، چانهه جي پتي، خُشڪ کير ۽ ٻيا مصالحه شامل هوندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *